احمد آباد جهاز حادثو: بلاول ۽ آصفه پاران ڏُک جو اظهار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شهر احمد آباد ويجهو ايئر انڊيا جي مسافر جهاز سان پيش آيل هوائي حادثي تي پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ خاتون اول آصفه ڀٽو زرداري طرفان افسوس جو اظهار ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، جهاز ۾ عملي سميت 242 مسافر سوار هئا، جڏهن ته حادثي ۾ وڏي جاني نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
آصفه ڀٽو زرداري بيان جاري ڪندي چيو ته احمد آباد ۾ پيش آيل هوائي حادثي جي افسوسناڪ خبر ملي، هن ڏکي گهڙيءَ ۾ پاڪستان ڀارتي عوام سان دلي همدردي جو اظهار ڪري ٿو، دعائون متاثرن ۽ سندن خاندانن سان گڏ آهن.
بلاول ڀٽو زرداري به حادثي تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته هو ڀارتي عوام جي ڏک ۾ برابر جو شريڪ آهي ۽ متاثر خاندانن سان تعزيت ڪري ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.