حيدرآباد (پ ر) عظيم انقلابي مفڪر ۽ مظلوم قومن ۽ طبقن جي سگهاري آواز رسول بخش پليجي جي ستين ورسي جون تياريون هلندڙ. عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار ۽ مرڪزي ڊپٽي سيڪريٽري ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو عوامي ورڪرز پارٽي جي وفاقي سيڪريٽري بخشل ٿلهو، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي سينيئر نائب صدر روشن ٻرڙو، ناري جمهوري پارٽي جي اڳواڻ عاليه بخشل، سماجي اڳواڻ نور بجير، ڪاشف بجير سان ڌار ڌار ملاقاتون ڪري ورسي ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي ڳالهائيندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته شھباز سرڪار جي عوام دشمن بجيٽ کي رد ڪريون ٿا. آئي ايم ايف طرفان جوڙيل بجيٽ غريب عوام دشمن آهي. ملڪي بجيٽ آئي ايم ايف جي فرمائش تي جوڙي وئي آهي. سنڌو درياهه جو پاڻي سنڌ جي عوام کان کسڻ لاءِ بجيٽ ۾ ڀاشا ڊيم ۽ مهمند ڊيم لاءِ اربين روپيا رکيا ويا آهن. ملڪ اڳ ئي معاشي تباهي جو شڪار آهي مٿان اربين روپيا ڊيمن تي رکڻ ملڪي سالميت لاءِ خطرناڪ آهي.