ڏهرڪي ( رپورٽ:اجيت ڪمار )پيپلزپارٽي جي ايم پي اي ڄام مهتاب ڏهر مٿان حملي ڪيس ۾ ميرپور ماٿيلو جي اي ٽي سي ڪورٽ پاران دهشتگردي جا قلم ختم ٿيڻ بعد ڪيس ميرپور ماٿيلو جي عدالت مان ڏهرڪي جي ايڊيشنل جج جي عدالت ۾ پهچڻ بعد گذريل ڏينهن اڳوڻي ايم پي اي شهريار شر کي پوليس جي سخت پهري هيٺ ايڊيشنل سيشن جج ڏهرڪي جي عدالت ۾ حاضري تي پهتو، جنهن بعد عدالت ڪيس جي ٻڌڻي سڀاڻي تائين ملتوي ڪري ڇڏي،ان موقعي تي عدالت ٻاهريان ميڊيا سان ڳالهيندي شهريار خان شر چيو ته اي ٽي سي جي ڪورٽ پاران مون مٿان داخل ڪيل ڪوڙي ڪيس مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪيا ويا آهن جنهن لاء ڪيس هتي ٽرانسفر ٿيڻ بعد حاضري لاء هت آيو آهيان، هن چيو ته مونکي عدالتن مان انصاف جي اميد آهي، هن چيو ته مونکان سياسي انتقام وٺڻ ۽ سياست تان هٽائڻ لاءِ ڄام مهتاب ڏهر منهنجي مٿان ۽ پٽ جهانگير شر مٿان ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي، ڪوڙي ڪيس مان آجا ٿي وينداسين.