اسلام آباد(بيورو+م ڊ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي مرڪزي سيڪريٽري اطلاعات شيخ وقاص اڪرم زراعت دشمن پاليسين تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته حڪومت جون غلط پاليسيون نفع بخش فصلن کي سنگين بحران ۾ وجهي ويون آهن، هارين کي نظرانداز ڪري معيشت جي ريڙهه جي هڏي کي ٽوڙيو پيو وڃي، موجوده بجيٽ هاري دشمن بجيٽ آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ٿو ڪري سگهجي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته هن بجيٽ ۾ هاري پيڪيج شامل نه ڪيو ويو آهي، هارين کي ڀاڻ ۽ ٽريڪٽر جي سهولتون مهيا نه ڪيون ويون آهن، ملڪ ۾ زراعت جي واڌ ويجهھ گهٽجي رهي آهي، جيڪو هارين جو دشمن آهي، اهو اصل ۾ پاڪستان جو دشمن آهي، ڪپهه جي پيداواري شرح ۾ 34 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، ملڪ جا هاري مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، سندس چوڻ هو ته مکئي جي پيداواري شرح ۾ 14 سيڪڙو گهٽتائي آئي آهي، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ به گهٽتائي آئي آهي، هن وقت ملڪ ۾ زراعت کي وڏا چئلينج درپيش آهن.