بجيٽ ۾ عوام تي ٽيڪسن جو بار وڌي ويو، تعليم ۽ صحت لاءِ خرچ اڃا به گهٽ

اسلام آباد(اسدطور) سرڪار پاران گھٽ ۾ گھٽ ماھوار اجرت 37 ھزار مقرر آھي پر بينڪن  ٻين ھنڌن تي ويٺل گارڊن مان ڪير بھ ايتري پگھار نھ ٿو کڻي.پر ٻئي پاسي سينيٽ چيئرمين ۽ اسپيڪر قومي اسيمبلي جنھن جي ٽشو پيپر کان گھر جو سمورو خرچ اسان ڀريون ٿا انھن جي پگھار ٽن لکن مان تيرنھن لک ڪئي وئي آھي.ھن بجيٽ ۾ گھٽ ۾ گھٽ مزدور جي اجرت طئي ناھي ڪئي وئي.ھڪ لک پگھار کڻندڙ کي 2 ھزار روپين جو ٽيڪس ڇوٽ مليوآھي ان ٻن ھزارن مان آخر انسان ڇا خريد ڪري سگھندو؟ان مان تھ ھڪ وقت جو ڪٽنب لاءِ کاڌو بھ مشڪل سانايندو.ھڪ پاسي ٻھ ھزار جو رليف ريوڙين برابر آھي تھ ٻئي پاسي في ليٽر پيٽرول تي  اڍائي روپيا ليوي لڳائي وئي آھي.جيڪي مڊل ڪلاس وارا 800 سي سي گاڏيون ھلائين ٿا تن مٿان  ٽيڪس 12 مان وڌائي 18 سيڪڙو ڪيو ويوآھي.ٻئي پاسي گردشي قرض ختم ڪرڻ لاءِ بينڪن کان 12 سئو ارب روپيا اوڌر کڻندا ۽ ان ۾ شامل وياج  سميت اھو سڀ ڪجھھ اسان توھان جي بجلي بلن مان ڪڍندا.10 سيڪڙو بلن تي سرچارج لڳايو ويوآھي.سو اگر ٻھ ھزار ڇوٽ ڏني اٿن تھ ٻئي پاسي پيٽرول تي بجلي تي گاڏين تي اضافي وصولي ڪئي ويندي. ٻئي پاسي تعليم ۽ صحت تي ھڪ سيڪڙو کان بھ گھٽ رکون ٿا.2018 ۾ تعليمي بجيٽ جي ڊي پي جو 2 سيڪڙو ھيو، 2019 ۾ 1،9 سيڪڙو ٿيو، 2020 ۾ 1.4 ٿي ويو، گذريل سال اھو 0.8 سيڪڙو تائين ھيٺ ھليو ويو.صحت تي 2018 ۾ 1 سيڪڙو گذريل سال اھو 0.9 سيڪڙو ھيو.سو ھن سموري بجيٽ ۾ عام ماڻھو لاءِ ڇا آھي؟

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، خميس 12 جون 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.