پ پ پاران سولر پينلن تي ٽيڪس رد،پگهارن ۾ مهانگائي حساب سان واڌ نه ٿي:شازيا مري

اسلام آباد(م ڊ)پيپلز پارٽي سولر پينلن تي 18 سيڪڙو ٽيڪس رد ڪندي چيو آهي ته انهن قدمن سان عوام کي سستي بجلي کان پري ڪيو ويو آهي،پارٽي جي مرڪزي ترجمان شازيا مري سوشل ميڊيا پليٽفارم ’ايڪس‘ تي هڪ پوسٽ جي جواب ۾ لکي ڇڏيو:بالڪل، پاڪستان پيپلز پارٽي سولر پينلن تي 18 سيڪڙو ٽيڪس جي حمايت نه ڪندي،هڪ ٻي پوسٽ ۾ شازيه مري ٻڌايو ته پيپلز پارٽي جي حڪومت دوران ملازمن جي پگهارن ۾ لڳ ڀڳ 150 سيڪڙو واڌ ڪئي وئي هئي.هن وڌيڪ چيو ته اقتصادي چئلينجن جي باوجود، پيپلز پارٽي عوامي ڀلائي کي ترجيح ڏني ۽ ماڻهن کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ همٿائتا قدم کنيا.پيپلز پارٽي پنهنجي حڪومت دوران ملڪ جي سڀ کان ڪمزور طبقي جي مدد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جو آغاز ڪيو،هن واضح طور چيو ته پگهارن ۽ پينشن ۾ بجٽ ۾ تجويز ڪيل واڌ موجوده مهانگائي جي مقابلي ۾ بلڪل ناڪافي آهي،شازيه مري وڌيڪ چيو ته  مهانگائي ۽ بيروزگاري ماڻهن جي زندگي عذاب بڻائي ڇڏي آهي، جڏهن ته پيٽروليم شين تي واڌو ٽيڪس لاڳو ٿيڻ سان وڌيڪ مهانگائي ٿيندي،هن چيو ته حيدرآباد-ڪراچي موٽروي لاءِ رڳو 15 ارب رپيا رکڻ هڪ مذاق آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.