پشاور(م ڊ) بجيٽ پيش ٿيندي ئي پشاور ۾ کنڊ جي قيمت 200 رپيا في ڪلو تائين پهچي وئي آهي، جڏهن ته کنڊ جي هڪ ٻوري 8800 رپين تائين وڌي وئي آهي، هول سيل مارڪيٽ ۾ کنڊ 175 رپيا في ڪلو ۽ پرچون ۾ 180 رپيا کان 200 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رهي آهي، کنڊ جي قيمتن ۾ لاڳاتار واڌ جاري آهي ۽ گرمي ۾ ان جي استعمال ۾ اضافي سبب به قيمتون مسلسل وڌي رهيون آهن، کنڊ جي قيمتن ۾ واڌ کان پوءِ عيد کان اڳ خريد ڪيل پراڻو اسٽاڪ به نئين اگهن تي وڪرو ڪيو پيو وڃي، کنڊ جي قيمتن ۾ مجموعي طور تي 60 رپيا في ڪلو تائين واڌ ٿي چڪي آهي.