ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ سپر هاءِ وي ديهه ڪنڪر دمبا ڳوٺ ويجهو جميل ميمڻ ۽ ٻين پاران 2 هزار ايڪڙ سرڪاري زمين تي غيرقانوني طور ڍورن جا فارم ٺاهڻ ۽ انهن مان نڪرندڙ زهريلي فضلي کي ٿڌو ڊيم مان ملير ندي ۾ ڇوڙ ڪرڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ عدالت ڪيس جو لکت ۾ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو. عدالت ملير ندي ۾ زهريلي فضلي جي ڇوڙ کي انسانن ۽ جانورن لاءِ خطرناڪ قرار ڏيندي ان کي فوري بند ڪرڻ جو حڪم ڏنو. عدالت ڪراچي جي ڪمشنر، ملير جي ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين اختيارين کي قانوني ڪارروائي ڪرڻ ۽ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت چيو ته جيڪڏهن غيرقانوني عمل آهي ته جميل ميمڻ ڪيٽل فارم ۽ ٻين خلاف سخت قدم کنيا وڃن. درخواست گذار جي وڪيل محمد دائود ناريجو عدالت کي ٻڌايو ته فارم مان نڪرندڙ زهريلو فضلو ٿڌو ڊيم جي پاڻي کي گدلو ڪري رهيو آهي، جنهن سبب ملير ندي ۽ ڀرپاسي جي زمين ۽ ماڻهن جي صحت تي اثر پئجي رهيو آهي. عدالت فوري طور تي عملدرآمد جي رپورٽ طلب ڪئي.