لوڊشيڊنگ خلاف درخواست، ڪي اليڪٽرڪ کي 10 جولاءِ تائين مهلت

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جماعت اسلامي جي ڪراچي ۾ لوڊشيڊنگ خلاف درخواست بحالي واري ڪيس جيٻڌڻي ٿي. ڪي اليڪٽرڪ جواب لاءِ مهلت گهري، جنهن تي عدالت کيس 10 جولاءِ تائين وقت ڏئي ڇڏيو. ڪي اليڪٽرڪ جي وڪيل چيو ته اسان کي درخواست بحالي جو نوٽيس نه مليو، جڏهن ته جماعت اسلامي جي وڪيل ياد ڏياريو ته اڳئين ٻڌڻي تي ڪي اليڪٽرڪ چيو هو ته نوٽيس جي ضرورت ناهي. ياد رهي ته درخواست گذار جي غيرحاضري سبب درخواست اڳ ۾ رد ٿي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.