افغانين سميت سمورا غيرقانوني پرڏيهي ملڪ ڇڏي ڏين:وفاقي گهرو وزارت

اسلام آباد (م ڊ) غيرقانوني پرڏيهي شهرين جي واپسي جي معاملي تي وزارت داخلا چيو آهي ته سڀني غيرقانوني پرڏيهي شهرين کي انهن جي پنهنجن ملڪن ڏانهن واپس موڪليو پيو وڃي،وفاقي گهرو وزارت جي مطابق افغان سٽيزن ڪارڊ رکندڙن جي وطن واپسي جو عمل پهرين اپريل 2025 کان شروع ٿيو، ۽ پهرين اپريل کان هيل تائين 2 لک 16 هزار 103 غيرقانوني پرڏيهي شهرين کي واپس موڪليو ويو آهي.وزارت داخلا ٻڌايو ته آڪٽوبر 2023 کان هيل تائين 11 لک 2 هزار 441 غيرقانوني پرڏيهي شهرين کي واپس موڪليو ويو آهي. وزارت داخلا چيو ته افغان شهري ۽ سڀ غيرقانوني پرڏيهي رضاڪاراڻي طور ملڪ ڇڏي ڏين، واپس ويندڙ پرڏيهين لاءِ خوراڪ ۽ صحت جون سهولتون پڻ مهيا ڪيون ويون آهن.وزارت داخلا مطابق وطن واپسي جي عمل ۾ رڪاوٽ وجهندڙن سان سختي سان نمٽو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.