يروشلم(م ڊ) فلسطيني صدر محمود عباس مزاحتمي تنظيم حماس کان هٿيار ڦٽا ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪورن ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي لکيل خط ۾ صدر محمود عباس فلسطيني عوام جي حفاظت لاءِ عرب ۽ عالمي فوج جي مقرريءَ جو مطالبو ڪيو.رپورٽ موجب، محمود عباس پنهنجي خط ۾ چيو ته حماس غزا تي وڌيڪ حڪومت نه ڪندي، ان کي پنهنجن هٿيارن ۽ فوجي صلاحيتن کي فلسطيني سيڪيورٽي فورسز حوالي ڪرڻو پوندو.پنهنجي ۾ خط ۾ سندس چوڻ هو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي مينڊيٽ سان استحڪام ۽ تحفظ مشن جي حصي طور عرب ۽ عالمي فوج کي فلسطيني ۾ مقرري لاءِ تيار آهيون.