پاڪستان ڪشمير سميت سڀني مسئلن تي ڳالهين لاءِ پرعزم آهي: بلاول ڀٽو زرداري

لنڊن (م ڊ) پيپلز پارٽي چيئرمين ۽ اڳوڻي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي اڳواڻي ۾ پاڪستان جي اعليٰ سطحي وفد برطانوي پارليامينٽ ۾ آل پارٽي پارلياماني گروپ کي پاڪستان جي موقف بابت بريفنگ ڏني. لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن پاران ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ چيو ويو ته ملاقات ويسٽ منسٽر پيلس ۾ ٿي، جنهن جي ميزباني اي پي پي جي جي چيئرپرسن ايم پي ياسمين قريشي ڪئي، ان ۾ مختلف پارٽين جي برطانوي پارليامينٽ ميمبرن شرڪت ڪئي. بلاول ڀٽو زرداري برطانوي پارليامينٽ ميمبرن کي بنا ڪنهن جاچ يا ثبوت جي ڀارتي جارحيت ۽ پاڪستان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙين جي نتيجن کان آگاهه ڪيو. هن ڀارت پاران پاڪستان تي لڳايل الزامن کي سختي سان رد ڪيو، انهن کي بي بنياد ۽ ناقابل تصديق قرار ڏنو. هن زور ڏنو ته ڀارت جو شهري آبادي تي حملو، پاڪستان جي خودمختياري جي ڀڃڪڙي، ۽ سنڌ طاس پاڻي معاهدي جي هڪ طرفي معطلي نه رڳو عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي پر ان جا خطي ۽ دنيا جي امن ۽ سلامتي لاءِ خطرناڪ نتيجا پڻ ٿي سگهن ٿا. ماحولياتي تبديلي واري وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ برطانوي پرليامينٽ ميمبرن کي ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪرڻ جي ماحولياتي اثرن، غذائي تحفظ کي خطرن، پاڪستان جي 24 ڪروڙ آبادي جي بقا جي خطرن کان آگاهه ڪيو.  وفد زور ڏنو ته ڀارت جي جارحيت جي جواب ۾ پاڪستان جو موقف ذميوار، متوازن ۽ عالمي قانون موجب آهي، جنهن ۾ گڏيل قومن جي چارٽر جي آرٽيڪل 51 تحت دفاع جو حق به شامل آهي. وفد ان ڳالهه تي به زور ڏنو ته پاڪستان صبر، سنڌ طاس معاهدي جي بحالي، ۽ سڀني حل طلب مسئلن، خاص طور تي ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار تي جامع ڳالهين جي شروعات لاءِ پرعزم آهي.  وفد جي ٻين ميمبرن ۾ سينيٽر شيري رحمان، اڳوڻي پرڏيهي وزير حنا رباني کر، انجنيئر خرم دستگير، فيصل سبزواري، سينيٽر بشريٰ انجم بٽ شامل هئا. وفد ۾ جليل عباس جيلاني، تهمينا جنجوعه، پاڪستاني هاءِ ڪمشنر ڊاڪٽر محمد فيصل به اجلاس ۾ موجود هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.