انساني ۽ اخلاقي قدرن جي پنڌ تي هلندڙ صوفي منش جو وڇوڙو

تحرير: اياز لطيف دايو

موت جي حوالي سان مون کي وڌ کان وڌ گرو رجنيش جي سولي سمجهاڻي پسند ايندي آهي جيڪو چوندو آهي ته جڏهن اسان جي وجود مان موت جو خوف اڏري ويندو، انھيءَ ڏينهن اسان کي زندگيءَ سان پيار جو ذائقو محسوس ٿيندو ،هو چوندو آهي ته ڪو ڏينهن زندگيءَ جو اهڙو ناهي هوندو جنهن ڏينهن پنهنجي ارد گرد اسان موت جي روپ کي اکين سان نه ڏسي سگهون، هو چوي ٿو ته جڏهن به اسان ڪنهن جي موت بابت ٻڌون ٿا ته اسان کي پنهنجي موت تي اعتبار پڪو ٿئي ٿو، جڏهن به اسان ڪنهن جي مرتئي تي لڙڪ لاڙيون ٿا ته اهي رڳو ان جي موت تي لڙڪ ناهن هوندا پر اسان موت ڏانهن وڌندڙ پنهنجي وجود تي به لاڙيون ٿا، اسان کي ڏک ڪنهن ٻئي جي مرڻ جو ڏک نه پر پنهنجي مرڻ جي واضع امڪان سبب ٿئي ٿو، ڪنهن ٻئي جو موت ڄڻ ته اسان جو پنهنجو موت به هوندو آهي ۽ جيستائين اسان پنهنجي چئني پاسن کان موت جي خوف ۾ گهيريل رهندا سين اسان زنده ڪيئن رهندا سين،انهيءَ موضوع تي گرو رجنيش جون اڻکٽ ڳالهيون سامهون آهن پر سنڌي ٻولي جي ناليواري ليکڪ الطاف ملڪاڻي جو ترجمو ٿيل ڪتاب زندگيءَ جي ڳولا پڙهڻ جهڙو ڪلاسڪ آهي، جنهن ۾ موت جي اٽل حقيقتن سان گڏ زندگيءَ جا انڊلٺي رنگ به موجود آهن، اها ساڳي فلاسافي ڀٽائي وٽ به آهي

مرڻا اڳي جي مئا ،سي مري ٿين نه مات،

هوندا سي حيات ،جيئڻان اڳي جي جئا.

انهن ماڻهن وٽ موت جو ڪوئي خوف ناهي هوندو جيڪي موت کان اڳ ۽ بعد ۾ به جيئرا هوندا آهن، تازو گهوٽڪي جي صوفي نگر مان وڇڙي ويل اسان جي انتهائي هردلعزيز دوست مولا بخش خان گهوٽي جو به انهيءَ فڪر ۽ فلاسافي سان تعلق هو انهي ۾ ڪو شڪ ناهي ته سندس تعلق سرداري گهراڻي سان هيو پر هن جي سوچ ۽ لوچ اها هوندي هئي ته منهن تي مصنوعي مرڪ کي سجائي ناهي هلڻو، نياز ۽ نوڙت سان زندگي گذارڻ جو مزو ئي پنهنجو آهي، ماڻهن جي دلين ۾ پنهنجي محبت جو خانو ٺاهڻ لاءِ پنهنجي روح جي سچائين سان هر ماڻهو کي پيار ،محبت، عزت ۽ احساسن جو ڇانورو ڏيڻو آهي،هن اهو عملي طور ڪري ڏيکاريو ڇاڪاڻ ته مولا بخش خان گهوٽو پڻ انهيءَ صوفي ازم جي مٽي مان ڳوهيل هو جن وٽ انساني ۽ اخلاقي قدرن جي اهميت سڀني کان اتم هوندي آهي، هن پنهنجي فطري ڄمار جا ته 63 ورهيه پورا ڪيا پر هن جو هر لمحو سڀاويڪ رهيو،هر جيئري ماڻهو ۾ خوبيون ۽ خاميون لازمي طور هونديون آهن پر هن شخص ۾ خاميون ڳولڻ سان رستو طويل ٿيندو رهيو ۽ ڪنهن گس پنڌ تي هن ۾ اهڙو ڪو پهلو ملڻ مشڪل هيو ڇاڪاڻ ته هو بنيادي طور تي درگاهه محمد سائين گهوٽو جي گادي نشين ۽ گهوٽا قبيلي جي سردار ارشاد احمد خان گهوٽو جو سڳو مامو هو، صبح جو ساجھر درگاهه محمد سائين تي نماز ۽ قرآن پاڪ جي تلاوت سندس معمول ۾ شامل هوندو هو، صوفي شاعر محمد فقير گهوٽي جي شعرن جو حافظ ۽ شارح طور جڳ جهان کيس سڃاڻيندو هو، صوفي عارف احمد گهوٽو جي بقول ته مولا بخش خان درگاهه محمد سائين جي پهرين سجاده نشين سخي سردار محمدڻ فقير گهوٽو جي صحبت مان  ڪافي فيض پرايو ۽ سندس صوفياڻي مسلڪ سان به سلهاڙيل هو، انھي صحبت جي اثر جي ڪري ئي سندس ڪيترن ئي گادي ڌڻين ۽ صوفي سرواڻن سان ويجهو لاڳاپو رهيو، جن ۾ درگاهه هنباهه شريف چڪ شڪارپور جي اڳوڻي سجاده نشين بگن شاهه جيلاني،موجوده گادي نشين توڻي ولي عهد سائين تاج محمد شاهه جيلاني، فقير سائين والي شاهه بخاري،فقير محب علي ٽالپر، فقير محمد گهوٽو، نماڻو فقير گهوٽو ۽ ٻيا شامل آهن، مرحوم ۾ هڪ ٻي وڏي خوبي اها به هئي ته پاڻ لطيف سائين جي رسالي جو به پارکو هو، سندس ڪلاس فيلو ۽ گهوٽڪي جي تاريخ تي مستند ڄاڻ رکندڙ سول سوسائٽي جي اڳواڻ رئوف پارس دايو، سماجي ۽ ادبي قافلي ۾ جاکوڙي ڪردار ادا ڪندڙ پنهنجي سوٽ منظور احمد خان گهوٽي سان گڏجي هن محمد فقير فائونڊيشن جو قيام عمل ۾ آندو ۽ يادگار ادبي ڪانفرنسون ۽ مشاعرا ڪرايا ويا، جن ۾ سنڌ جا برک اديب، تاريخ نويس ۽ شاعر شريڪ ٿيندا رهيا، جن جي مقالن ۽ رپورٽن کي رئوف پارس ڪتابي شڪل ڏيئي ڪمپوز ڪرائي رڪارڊ ۾ محفوظ ڪري ڇڏيو.

مرحوم مولا بخش خان گهوٽي جو جنم 6 جولائي 1962 تي مرحوم الهرکيو خان گهوٽي جي گهر ۾ ٿيو، هن پرائمري تعليم پنهنجي ڳوٺ مان حاصل ڪئي، ڊي سي اسڪول گهوٽڪي مان ميٽرڪ، انٽر ۽ گريجوئيشن ڊگري ڪاليج گهوٽڪي مان حاصل ڪئي، عوامي خدمت جي فطرت جي ڪري هو 2007 کان 2012 تائين يونين ڪائونسل حسين ٻيلي جو نائب ناظم رهيو ۽ سندس اهڙي عوامي انداز ۽ خدمتن جي ڪري 2013 کان 2018 تائين يونين ڪائونسل حسين ٻيلي جو بنا مقابلي چيئرمين چونڊيو ويو، پنهنجي قبيلي جي سردار صوفي ارشاد احمد خان گهوٽو طرفان کيس پنهنجي قبيلي ۽ اوڙي پاڙي جي فيصلن ڪرڻ جي ذميداري کيس مليل هئي، پنهنجي محبتن جي سڀاء جي ڪري ماڻهن جا اختلاف ختم ڪرائي کين کير کنڊ ڪري ڇڏيندو هو، سندس جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، ڪيترائي ماڻهو هڪٻئي کي ٻڌائي رهيا هئا ته مرحوم سوين ماڻهن جي ڪورٽن ۾ ضمانت ڏني، انهن مان ڪيترائي اهڙا ماڻهو هوندا هئا جن کي هو ذاتي طور سڃاڻندو به نه هو، اڄوڪي سنڌي سماج ۾ اهڙا ماڻهو ڳولڻ سان ئي نٿا ملن، زرعي شعبي سان پڻ سندس خاص انس هوندو هو ايتريقدر جو روينيو جا عملدار جڏهن ڪن مامرن ۾ منجهي پوندا هئا ته مرحوم مولا بخش خان وٽ اچي رهنمائي حاصل ڪندا هئا، صرف ايترو نه پر هن کي پنهنجي ڌرتي جي تاريخ، تهذيب ۽ ثقافت جي پڻ گهري ڄاڻ هوندي هئي، مرحوم کي ٽن پٽن ۽ ٽن نياڻين جي اولاد آهي، کيس لڙڪن ۽ سڏڪن سان اباڻي قبرستان مياڻن جي مقام ۾ سپرد خاڪ ڪيو ويو، جيئن چوندا آهن ته دلبر هن دنيا ۾ وڃي رهندو واس، اهڙي طرح ابدي سفر ڏي هر ماڻهو کي هڪ ڏينهن لازمي هلڻو آهي پر  ماڻهو پنهنجي پويان مولا بخش گهوٽي جهڙو ڪردار ڇڏي وڃي جيئن انهي جي خوشبو سدائين روح کي تازگي ڏيندي رهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.