ملتان (م ڊ) پاڪستان هاري اتحاد جي مرڪزي صدر خالد محمود کوکر چيو ته زراعت حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل ناهي، ۽ حڪومت هارين جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي. ملتان ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي خالد محمود کوکر چيو ته پاڪستان جي معيشت زراعت تي دارومدار رکي ٿي، بدقسمتي سان زراعت اسان جي ترجيحن ۾ شامل ناهي، جيڪڏهن زراعت بهتر ٿيندي ته معيشت بهتر ٿيندي، زراعت مخالف پاليسين جي ڪري واڌ ويجهه 0.56 آهي. خالد محمود کوکر چيو ته هن ڀيري ڪڻڪ جي پيداوار 2.9 ملين ٽن گهٽجي وئي آهي، ڪپهه جي پيداوار 34 سيڪڙو گهٽجي وئي آهي. هن چيو ته هاري کي بس نالي جي سبسڊي ملي رهي آهي، ڪڻڪ کان پوءِ هاڻي مڪئي جو هاري روئي رهيو آهي، هاري جي بجلي جي بل تي ٽيڪس آهي، ڀاڄين جو هاري مري رهيو آهي. هن چيو ته هارين کي انهن جي پيداوار جي قيمت به نٿي ملي، زرعي ايمرجنسي جو اعلان ڪيو وڃي.