لاهور (م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ ۽اڳوڻي وفاقي وزير خواجه سعد رفيق هڪ گهر ۾ ٻه بجليءَ جا ميٽر لڳائڻ بابت هلندڙ خبرن تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت کي اهم مشورا ڏئي ڇڏيا آهن.پنهنجي بيان ۾ خواجه سعد رفيق چيو آهي ته هڪ ئي گهر ۾ ٻه ميٽر لڳائڻ تي پابندي واري خبر پڙهي مون کي پريشاني ٿي، مون پنهنجو فرض سمجهي، گذريل شام ليسڪو جي سي اي او رمضان بٽ ۽ وفاقي وزير توانائي سردار اويس لغاري سان رابطو ڪيو، جن ٻنهي ٻڌايو ته اها خبر ڪوڙ آهي. سعد رفيق بجلي جي سلب سسٽم تي تنقيد ڪندي چيو ته 200 يونٽن تائين بجلي جو هڪ ريٽ هجي ٿو، پر 201 هون يونٽ استعمال ڪرڻ سان اوچتو ريٽ تبديل ٿي وڃي ٿو، جيڪو عام ماڻهن لاءِ تڪليف ڏيندڙ بڻجي ويو آهي. ماڻهو جيتري به احتياط ڪن، ڪجهه يونٽ وڌي ئي وڃن ٿا. ان جو ڪو جامع حل ڳولهڻ ضروري آهي. مان ڪو ماهر نه آهيان، پر منهنجي خيال ۾ 200 کان 300 يونٽن تائين گهٽ ۾ گهٽ 3 يا 4 مرحلا هجڻ گهرجن ته جيئن ريٽ آهستي آهستي وڌي،هن تجويز ڏني ته جيڪڏهن معيشت ڪجهه بهتر ٿئي ٿي، ته گهٽ ۾ گهٽ 300 يونٽن تائين بجلي جو ريٽ مقرر ڪيو وڃي. ان کانسواءِ ملڪ ۾ معياري سولر پينلن جي پيداوار کي هٿي ڏيڻ ۽ عام ماڻهن کي بنا وياج قرض مهيا ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي مهانگي بجلي کان بچي سگهن.”بجلي چوري بابت خواجه سعد رفيق چيو ته بجلي چور ۽ انهن جا سهولتڪار سرڪاري اهلڪار پاور سپلاءِ ڪمپنين اندر موجود آهن، جن خلاف بي رحماڻو آپريشن ٿيڻ گهرجي.