2.7سيڪڙو جي ڊي پي واڌ ويجهه به شرمناڪ آهي: مزمل اسلم

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا جي مشير خزانه مزمل اسلم چيو آهي ته وفاقي حڪومت موجب مالي سال جي پڄاڻي تي ملڪ جي جي ڊي پي واڌ ويجهه 2.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گذريل سال ڏحڪومت 3.6 سيڪڙو واڌ جو هدف رکيو هو، جيڪا حاصل نه ٿي سگهي.هڪ بيان ۾ مزمل اسلم چيو ته 2022ع ۾ جڏهن پي ٽي آءِ جي حڪومت ختم ٿي، تڏهن ملڪ جي شرحِ واڌ 6.4 سيڪڙو هئي، پر هاڻي گذريل ٽن سالن کان شرحِ واڌ جي سراسري رفتار صرف 1.5 سيڪڙو رهي آهي، جڏهن ته آبادي جي واڌ جو انگ 2.5 سيڪڙو آهي. هن چيو ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ماڻهن جي قوتِ خريد انتهائي متاثر ٿي آهي، ٽيڪسن ۾ واڌ سبب مارڪيٽون به متاثر ٿيون آهن، جنهن جو ثبوت اها آهي ته هن سال عيدالاضحيٰ تي پهريون ڀيرو 30 سيڪڙو ڍور ڍڳا ڪراچي مان واپس موٽايا ويا.مزمل اسلم وڌيڪ چيو ته مهانگائي گهٽجڻ بابت به عوام سان ڪوڙو بيان ڏنو ويو، حقيقي طور تي مهانگائي جي شرح عوام جي لاءِ اڃا به زيادتي جو سبب بڻي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.