منڊي بهاوالدين(م ڊ) علائقي مراد وال ۾ هڪ ماءُ پاران ٻي شادي جي ارادي سان پنهنجي ئي 8 ورهين جي نياڻي کي بي درديءَ سان قتل ڪرڻ جو دل ڏاريندڙ واقعو سامهون آيو آهي، پوليس موجب عورت ڌيءَ جي اغوا جو ڊرامو پڻ رچايو.پوليس مطابق ملزمه الماس بي بي پنهنجي معصوم ڌيءَ ڪرن شهزادي کي ڏنڊي سان ماري ڇڏيو، جنهن جو لاش بعد ۾ ڪمند جي فصل مان هٿ آيو.جاچ دوران پوليس کي معلوم ٿيو ته الماس بي بي پنهنجي ڌيءَ جي مٿان سخت تشدد ڪندي سندس مٿي تي زوردار ڌڪ هنيا،.پوليس موجب جوابدار عورت پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته هوءَ ٻي شادي ڪرڻ چاهيندي هئي، پر کيس پنهنجي ڌيءَ رڪاوٽ لڳندي هئي، تنهن ڪري هن اهو سفاڪ عمل انجام ڏنو.
-
ٽرمپ جي اميگريشن پاليسين خلاف پرتشدد مظاهرا، گاڏين کي باهه
لاس اينجلس (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اميگريشن پاليسين خلاف ڪيليفورنيا ۾ هلندڙ مظاهرا ٽئين ڏينهن به جاري رهيا، جڏهن ته لاس اينجلس ۾ صورتحال پرتشدد ٿي وئي، مظاهرين ڪجهه گاڏين کي باھ ڏئي ڇڏي. مظاهرا انهن پوليس ۽ اميگريشن کاتن جي ڪري شروع ٿيا، جن غيرقانوني پرڏيهين خلاف ڇاپا هنيا. احتجاج ڪندڙن جون پوليس ۽ اميگريشن عملدارن سان چڪريون پڻ ٿيون. حالتون خراب ٿيڻ بعد شهر ۾ هزارين سيڪيورٽي اهلڪار ۽ نيشنل گارڊز مقرر ڪيا ويا. صدر ٽرمپ چيو ته نيشنل گارڊز کي امن و امان قائم رکڻ لاءِ موڪليو ويو آهي ۽ جيڪو به ڏڦيڙ ڪندو، قانون کان بچي نه سگهندو، آمريڪا ۾ پرتشدد مظاهرن جي ڪا به جاءِ ناهي.