ڪوهاٽ (م ڊ) اڳوڻي سينيٽر شميم آفريدي دعويٰ ڪئي آهي ته سندس پٽ عباس آفريدي گئس ليڪيج ڌماڪي ۾ فوت نه ٿيو، پر کيس سازش تحت بم ڌماڪي ۾ قتل ڪيو ويو آهي، ڪوهاٽ پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته ڪوهاٽ پوليس اڃا تائين ان معاملي بابت مون سان رابطو ناهي ڪيو ۽ نه ئي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، هن چيو ته پٽ جي قتل واقعي جي آزاداڻي جاچ ڪرائي وڃي، "منهنجا ٻار پڙهيل لکيل ۽ تعليم يافته آهن، پر کين مختلف واقعن ۾ ڦاسائي مجرم بڻايو پيو وڃي، هن چيو ته منهنجي پٽ امجد آفريدي جي عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي پوليس اهلڪار پاران فائرنگ واقعو ڳڻتي جوڳو آهي.