عيد جي خوشين ۾ ٻين کي بھ شامل ڪريو

عيدالاضحيٰ جو مطلب آهي الله جي راهه ۾ جانورن جي قرباني ڪرڻ، پر اسان جي سماج ۾ ان کي دولت جي نمائش طور ڏٺو ويندو آهي. قرباني جو فلسفو به اسان جي ايمان جو حصو سمجهيو ويندو آهي، پر هتي اهو لڳي ٿو ته ماڻهو لکين رپين جا جانور خريد ڪري پنهنجي دولت جو ثبوت ڏين ٿا. جيئن جيئن مهانگائي جو گراف وڌي رهيو آهي، سماج ۾ نمائش ۽ پاڻ پڏائڻ جو غلط تصور به وڌي رهيو آهي، هڪ وقت هو جڏهن ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ سڄو سال جانورن کي پاليندا هئا ۽ پوءِ انهن کي الله جي راهه ۾ قربان ڪندا هئا، پر هاڻي اهڙا مثال گھٽ ئي ملندا.

هاڻي جانورن جي خوبصورتي جا مقابلا  ٿين ٿا ۽ جانورن جي بولي لڳائي ويندي آهي ۽ جيڪو سڀ کان وڌيڪ بولي ڏيندو آهي، ان جي ان جانور سان گڏ تصوير  ميڊيا ۾ ايندي آھي  ته جيئن ماڻهن کي خبر پوي ته هن شخص هن عيدالاضحيٰ تي لکين رپين جو جانور قربان ڪيو آهي. عيدالاضحيٰ اسان جو مذهبي تهوار آهي ۽ اسان کي ان کي پوري ايمان ۽ خلوص سان ملهائڻ گهرجي، پر اسان کي صرف پنهنجي عزت نفس جو مظاهرو نه ڪرڻ گهرجي.

الله اسان جي دلين جي حالت کي چڱي طرح ڄاڻي ٿو، پر اسان اهو وساري ڇڏيون ٿا ته هڪ اهڙي ملڪ ۾ جتي اڪثريت غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذارڻ تي مجبور آهي، ننڍڙا ٻار بک مرن ٿا، وڏا ماڻهو ماني لاءِ پريشان رھن  ٿا ۽ انهن کي صاف پاڻي به نٿو ملي. اھي ماڻھون جيڪي زندگيءَ جي سمورين سھولتن ۽ بنيادي گھرجن کان محروم آھن. اسان کي انهن کي به ياد رکڻ گهرجي ڇو ته انهن کي به جيئڻ جو حق آهي.

جيڪڏهن اسين پنهنجي عملن کي درست ڪرڻ جي ڪوشش ڪريو ۽ جانورن جي قرباني سان گڏ پنهنجي ھٿ ٺوڪي انا ۽ خواهشن کي به قربان ڪريو تھ ھي عيد يقينن ٻين لاءِ بھ خوشي جو سبب بڻجي سگھي ٿو.عيد الاضحيٰ جو مقصد قرباني جي جذبي کي جاڳائڻ ۽ خدا جي رضا حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي پياري شيءِ جي  قرباني ڏيڻ آهي.اھو جذبو  اسان کي سيکاري ٿو ته زندگي جي سڀني شعبن ۾، ڪائنات جي رب جي مرضي کي اسان جي خواهشن تي ترجيح ڏيڻ گهرجي.

مذھبي نقطھ نظر سان حج جي ادائيگي مذھبي فرض آھي،ھي پنجون رڪن آھي جيڪو  ذوالحج  جي مهيني ۾ ادا ڪيو وڃي ٿو. ھي اسلامي ڪئلينڊر موجب آخري مھينو ھوندو آھي. اسلامي سال جي شروعات حرمت واري مهيني محرم سان ۽ پڄاڻي ذوالحج واري مھيني سان ٿئي ٿي.

اسلام هڪ ڪامل دين آهي، جنهن ۾ انسان جي ڀلائي ۽ ڪاميابي  لاءِ عبادت جا عظيم موقعا رکيا ويا آهن جن کي اختيار ڪري انسان پنهنجي رب کي راضي ڪري سگهي ٿو، انهن مان قربانيءَ جو موقعو به هڪ آهي، جنهن جو بنياد حضرت  ابراهيم عه جي انهيءَ خواب تي آهي جنهن ۾ ڏٺائون ته پاڻ  ربّ پاڪ جي حڪم سان پنهنجي پياري پُٽَ حضرت اسماعيل عه کي ذبح ڪري رهيا آهن، پاڻ اهڙي خواب جو ذڪر پنهنجي پُٽ حضرت اسماعيل عه سان ڪيو، جنهن کيس عرض ڪيو ته، ”بابا سائين اوهان کي جيڪو حڪم مليو آهي، انهي تي عمل ڪريو، اوهان انشاءَالله مون کي صبر ڪرڻ وارن مان  ڏسندؤ“، حضرت اسماعيل عه جو اهڙو جواب ٻڌي حضرت ابراهيم کيس وٺي ڪري مڪي مڪرمه کان منى جي طرف روانو ٿيو، جتي پُٽ جي قرباني ڪرڻ لاءِ کيس منهن ڀر ليٽائي ڇڏيو ۽ ذبح ڪرڻ  وارو ھو تھ الله پاڪ طرفان وحي نازل ٿي ته ”اي ابراهيم! اوهان پنهنجو خواب سچو ڪري ڏيکاريو“ ان بعد الله پاڪ قربانيءَ لاءِ هڪ دُنبي کي موڪليو. قربانيءَ جو فلسفو ٻڌائي ٿو ته انسان کي پنهنجي رب جي رضا لاءِ پنهنجي پياري کان پياري شيءِ به قربان ڪرڻ کان نھ ڪيٻائڻ گهرجي. قربانيءَ جي اهڙي عمل جي پوئيواري ڪندي ۽ حضرت ابراهيم جي انهيءَ جذبي کي ياد ڪندي اَڄُ ڏينهن تائين مسلمان قربانيءَ جي اهڙي عمل کي دهرائيندا اچن پيا ۽ هر سال  عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قرباني ڪندا آهن، بجا طور تي هر سال حج جو فرض سرانجام ڏيڻ کانپوءِ صحت مند جانور جي قرباني ڪندا آهن، اهڙي قرباني مرڪزي طور تي  مديني شريف ۾ ٿيندي آهي. جڏهن ته دنيا ۾ ھر ھنڌ رھندڙ مسلمان  آبادي آهي اتي قرباني ڪندي آهي. قرباني جو مقصد صرف الله جي رضا شامل آهي.

شرعي اصطلاح ۾ ڪنهن جانور کي الله جي جي راھ ۾ ڪُهڻ کي اضحيٰ يا قرباني چيو ويندو آهي، قرباني جي جانور جي عمر جنهن ۾ اُٺ پنج سالن جو، ڳئون يا مينهن ٻن سالن جي، ٻڪر، ٻڪري، دنبو ۽ گهيٽو هڪ سال جو ھئڻ گھرجي.

اها هڪ حقيقت آهي ته قوم پنھنجي اجتماعي رويي سان سڃاتي ويندي آهي ۽ صفائي جي عمل کي نصف ايمان تصور ڪيو وڃي ٿو، قرباني جو ھڪ  اهم پھلو ھي بھ آھي تھ قرباني ڪيل جانورن جون باقيات يعني آنڊن، اوجهرين ۽ گند کي خاص نموني سان ڪنھن اھڙي جاءِ تي ڇڏڻ گھرجي، جنھن سان گندگيءَ جي پکڙجڻ ۽ بدبوءِ کان بچي سگھجي،ڳوٺ هجن يا شهر، ڏٺو ويو آهي ته جانور ذبح ڪرڻ کانپوءِ ان جو رت صاف نھ ڪيو ويندو آھي ۽ اوجهرين کي به روڊن رستن تي ۽ کليل ميدانن ۾ ڦٽو ڪيو وڃي ٿو، جنهن سان هڪ طرف گندگي ٿيندي آهي ته ٻئي طرف بدبوءِ پکڙجي ويندي آهي ۽ سڄي سماج لاءِ آزار ٿي ويندو آهي. ان ڪري صفائي جو خاص خيال رکڻ گهرجي

قرباني جي موقعي تي صفائي سٿرائي جي خاص خيال نھ رکڻ جي ڪري اسان بابت غلط تاثر پيدا ٿئي ٿو، ان ڪري صفائي واري پاسي تي خصوصي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آھي.صفائي سٿرائي جي عمل کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ وقت جي حڪومت ۽ انتظاميا جو به اھو فرض آهي ته ان ڏس ۾ جوڳا انتظام ڪيا وڃن. جيئن سماج کي ڪنھن امڪاني زحمت کان بچائي سگھجي. ڳوٺن ۾ جيڪڏھن قرباني ڪندڙ ماڻھون جانورن جي باقيات کي کڏون کوٽي پوريو وڃي  ته ان سان ماحول گندگيءَ ۽ ان جي نتيجي ۾ ڪنھن امڪاني بيماري کان بچي سگھجي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.