ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي ۽ قرباني کانپوءِ مٽن مائٽن، غريبن ۽ مسڪينن ۾ گوشت جي ورهاست جو سلسلو جاري آهي.
ملڪ جي ننڍن وڏن شهرن جي مسجدن، عيد گاهن، پارڪن ۽ کليل ميدانن ۾ عيدالاضحيٰ جي نماز جا اجتماع ٿيا، نماز جي ادائيگي ۽ خطبي کانپوءِ ملڪي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي سميت فلسطيني ۽ ڪشميري مسلمانن لاءِ به دعائون گهريون ويون.
عيد نماز کانپوءِ ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ مسلمانن سنت ابراهيمي جي پيروي ڪندي جانور قربان ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيا، جانور قربان ڪرڻ جو اهو سلسلو عيدالاضحيٰ جا ٽئي ڏينهن جاري رهندو.
شهري الله جي راهه ۽ انفرادي ۽ اجتماعي قربانيون ڪري رهيا آهن، جنهن کانپوءِ گوشت غريبن ۽ مسڪينن ۾ ورهايو پيو وڃي.
عيد جي موقعي تي صدر آصف زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ پاڪ فوج طرفان قوم کي مبارڪباد ڏني وئي آهي.
Prev Post
You might also like