ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت 13 جون تي نئين مالي سال جي بجيٽ پيش ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
صوبائي وزير ناصر شاهه جي صدارت هيٺ ٽن ڏينهن جي اجلاس ۾ مالي سال جي بجيٽ کي حتمي شڪل ڏني وئي، 57 صوبائي کاتن ۽ خود مختيار ادارن جي ترقياتي بجيٽ 600 ارب رپين جي هوندي.
زراعت لاءِ 13 ارب رپيا، اسڪول ايجوڪيشن لاءِ 8 ارب، ٻيلن لاءِ 4 ارب ۽ صحت جي بجيٽ لاءِ 51 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن.
اهڙي ريت صنعت جي بجيٽ 4 ارب، آبپاشي 96 ارب، بلديات 13 ارب، منصوبابندي جي 16 ارب رپيا بجيٽ مختص ڪئي وئي آهي.
اجلاس ۾ ٽرانسپورٽ جا 57 ارب، ورڪس اينڊ سروسز جا هڪ کرب 39 ارب، جڏهن ته گهرو کاتي جي بجيٽ لاءِ 11 ارب رپيا تجويز ڪيا ويا آهن.
You might also like