لنڊن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو چيو آهي ته ڀارت سان سيز فائر ته ٿيو آهي پر امن اڃا تائين حاصل نه ٿيو آهي، پاڻي اسان جي اڻٽر ضرورت آهي، ان معاملي تي ڪا به سوديبازي نه ڪئي ويندي.
پرڏيهي خابرو اداري کي انٽرويو ۾ بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار جوهري رياست آهي، سنڌ طاس معاهدي جي معطلي عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.
هن چيو ته پاڪستان واضح ڪري چڪو آهي ته پاڻي روڪڻ کي جنگ جو اعلان سمجهيو ويندو، پاڪستان هميشه ڳالهين ۽ سفارتي واٽن سان مسئلا حل ڪرڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت هڪ طرفي طور سنڌ طاس معاهدي کي معطل يا ختم نٿو ڪري سگهي، پاڻي اسان جي بنيادي ۽ اڻٽر ضرورت آهي، ان تي ڪنهن به ريت سوديبازي نه ٿيندي.
پيپلز پارٽي چيئرمين چيو ته هو ڀارت سان ڪشمير سميت سڀني مسئلن تي ڳالهين جا خواهشمند آهن، سڀني مسئلن جو حل ڪشمير مان ئي ٿي گذري ٿو.
هن چيو ته پاڪستان هڪ پرامن ملڪ آهي، جڏهن ته ڀارت دوکيبازي ۽ غلط ڄاڻ پکيڙي رهيو آهي، سيز فائر ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جو ڪردار اهم رهيو، ڊونلڊ ٽرمپ جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن.
بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت بنا ڪنهن ثبوت جي پهلگام واقعي جو الزام پاڪستان تي لڳايو، اسان پهلگام واقعي تي غير جانبدار جاچ جي آڇ ڪئي هئي.
اڳوڻي پرڏيهي وزير چيو ته ڀارت وٽ پاڻي روڪڻ جي سگهه ئي ناهي، ٻنهي جوهري ملڪن وچ ۾ تڪرارن جي حل لاءِ ڪو به مڪينزم موجود نه آهي.
پاڻي اسان جي انٽر ضرورت آهي، ان تي ڪا سوديبازي نه ٿيندي: بلاول ڀٽو زرداري
You might also like