اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب قومي اقتصادي سروي پيش ڪري ڇڏي.
وفاقي وزير چيو ته ملڪ معاشي استحڪام ڏانهن وڌي رهيو آهي، هلندڙ مالي سال ۾ جي ڊي پي واڌ جي شرح 2.7 سيڪڙو رهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ مهانگائي جي شرح 4.6 سيڪڙو آهي، گذريل سال پاليسي ريٽ 22 سيڪڙو هو، جيڪو هاڻ گهٽجي 11 سيڪڙو تي اچي ويو آهي.
هن چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام سان اعتماد بحال ٿيو، وزيراعظم شهباز شريف ايس بي اي پروگرام حاصل ڪيو، ناڻي واري نگران وزير پاران پروگرام کي ٽريڪ تي رکڻ ساراهه جوڳو آهي.
سندس چوڻ هو ته معيشت جي ڊي اين اي کي بدلائڻ لاءِ سڌارا ضروري هئا، ٽيڪس ٽو جي ڊي پي جي شرح پنجن سالن جي بلند ترين سطح تي آهي، حڪومت ايف بي آر جي ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ لاءِ سڌارا متعارف ڪرايا آهن.
وفاقي وزير موجب هر تبديلي لاءِ ٻن کان ٽن سالن جي ضرورت هوندي آهي، پاور سيڪٽر ۾ سڌارن تحت هڪ سال اندر تاريخي وصوليون ٿيون آهن، بجلي ورهائيندڙ ڪمپنين جي گورننس ۾ بهتري آئي آهي.
سينيٽر چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام جو مقصد ميڪرو اڪنامڪ استحڪام هو، عالمي گروٿ جي ڀيٽ ۾ پاڪستان جي ڊي پي گروٿ ۾ ريڪوري ڪئي، عالمي سطح تي مهانگائي ٻه سال اڳ 6.8 سيڪڙو هئي، جيڪا هاڻ 0.3 سيڪڙو آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ اها شرح 4.6 سيڪڙو آهي.
هن ٻڌايو ته ناڻي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ هن مالي سال دوران زبردست واڌ ٿي، هاڻ جي ڊي پي جي استحڪام ڏانهن وڌڻو آهي، ملڪ سٺي رستي تي هلي رهيو آهي.
محمد اورنگزيب جو چوڻ هو ته آءِ ايم ايف جي تازي قسط لاءِ پاڪستان کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو، ڀارتي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر رنڊڪون وڌيون پر عالمي مالياتي ادارو پاڪستان سان گڏ بيٺو آهي.
وفاقي وزير چيو ته مقامي وسيلن کي هٿي ڏيڻ ترجيحن ۾ شامل آهي، تعميراتي شعبي جي گروٿ جي شرح 1.3 سيڪڙو رهي، جيڪا گذريل سال 3 سيڪڙو هئي، لارج اسڪيل مينوفيڪچرنگ گروٿ ريٽ گهٽجي 1.5 رهي، جڏهن ته ٽيڪسٽائل گروٿ واڌ سان 2.2 رهي.
محمد اورنگزيب ٻڌايو ته اهم فصلن جي پيداوار ۾ 13.49 سيڪڙو گهٽتائي آئي، ڪجهه جي پيداوار ۾ 30 سيڪڙو، ڪڻڪ جي پيداوار ۾ 8.9 سيڪڙو ۽ ڪمند جي پيداوار ۾ 3.9 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، مڪئي ۾ 15.4 سيڪڙو، چانور جي پيداوار ۾ 1.4 سيڪڙو گهٽتائي ٿي، جڏهن ته پٽاٽي جي فصل ۾ 11.5 سيڪڙو ۽ بصر ۾ 15.9 سيڪڙو واڌ ٿي.
اقتصادي سروي موجب پيٽروليم شين جي گروٿ واڌ سان 4.5 سيڪڙو رهي، ڪيميڪل گروٿ گهٽتائي سان 5.5 سيڪڙو رهي، فارماسوٽيڪل ۾ گروٿ واڌ سان 2.3 سيڪڙو رهي.
تعليم جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته جولاءِ کان مارچ تائين جي ڊي پي جو 0.8 سيڪڙو تعليم تي خرچ ٿيو، اعليٰ تعليم لاءِ 61.1 ارب رُپيا رکيا ويا، مجموعي خواندگي جي شرح 60.6 سيڪڙو رهي، جن ۾ مردن جي شرح 68 سيڪڙو ۽ عورتن جي 52.8 سيڪڙو آهي، پرائمري سطح تي داخلائون 2.483 ڪروڙ تائين پهتيون.
سروي موجب پاڪستان ۾ 269 يونيورسٽيون آهن، جن مان 160 سرڪاري ۽ 109 نجي آهن، اسڪل ڊولپمينٽ پروگرام تحت 60 هزار کان وڌيڪ نوجوانن کي آءِ ٽي، زراعت، معدنيات ۽ تعميراتي شعبن ۾ تربيت ڏني وئي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته عالمي گرين هائوس گيسن جي اخراج ۾ پاڪستان جو حصو هڪ سيڪڙو کان به گهٽ آهي، ملڪ ۾ ٻوڏ 3.3 ڪروڙ ماڻهن کي متاثر ڪيو ۽ 15 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو، سال 2024 دوران سراسري گرمي پد 23.52 ڊگري رهيو ۽ 31 سيڪڙو وڌيڪ برساتون ٿيون.
اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪل آمدني 13.37 کرب رُپيا رهي، ٽيڪس آمدني ۾ 25.8 سيڪڙو واڌ ٿي، ٽيڪس آمدني 9.14 کرب رهي، نان ٽيڪس آمدني ۾ 68 سيڪڙو واڌ ٿي، جيڪا 4.23 کرب رهي، ڪل خرچ 16.34 کرب رهيا، هلندڙ خرچن ۾ 18.3 سيڪڙو واڌ رهي، جيڪي 14.59 کرب رهيا، ترقياتي خرچن ۾ 32.6 سيڪڙو واڌ ٿي، جيڪي 1.54 کرب رهيا، مالي خسارو 2.6 سيڪڙو رهيو، جڏهن ته پرائمري سرپلس 3 سيڪڙو رهيو.
معاشي استحڪام ڏانهن وڃون پيا، جي ڊي پي گروٿ 2.7 سيڪڙو رهي: اقتصادي سروي رپورٽ
You might also like