ڀارت جو انتهاپسند هندوتوا نظريو سڄي خطي لاءِ خطرناڪ آهي: صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته ڀارت جو انتهاپسند هندوتوا نظريو سڄي خطي لاءِ خطرناڪ آهي.
صدر آصف زرداري سان ايوانِ صدر ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن ملاقات ڪئي ۽ کيس عيدالاضحيٰ جون واڌايون ڏنيون.
ان موقعي تي آصف علي زرداري چيو ته اسان کي پنهنجي ملڪ ۽ ڌرتي سان وفاداري نڀائڻي آهي ۽ ان جي ترقي لاءِ ڪم ڪرڻو آهي، ملڪي معيشت کي مضبوط بڻائڻ ۽ ان کي پيرن تي بيهارڻ تي ڌيان ڏيڻو پوندو.
هن چيو ته پاڪستان ۾ ترقي ڪرڻ جي وڏي صلاحِت موجود آهي، زراعت اسان جي معيشت جو بنياد آهي، ملڪ کي زرعي شعبي جي بنياد تي ترقي ڏيڻي پوندي، هارين جي سهائتا ذريعي ملڪ جي معيشت کي اڳتي وڌائي سگهون ٿا.
صدر ڀارت جي وڌندڙ شدت پسندي تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو ته ڀارت ۾ اقليتن، خاص طور مسلمانن سان تعصب ۽ ظلمن جو ورتاءُ ڪيو پيو وڃي، ڀارت جي هندوتوا نظريي سان سڄي خطي کي خطرا پيدا ٿي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.