”دعائن سان فرق پئي ٿو ۽ اهي معجزا آڻين ٿيون“ ڪينسر سان وڙهندڙ انجلين ملڪ مداحن جي ٿورائتي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪينسر سان وڙهندڙ اداڪارا، ماڊل ۽ هدايتڪار انجلين ملڪ دعائون ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪرڻ تي مداحن جا ٿورا مڃيندي چيو آهي ته دعائن سان فرق پوندو آهي.
انجلين ملڪ انسٽاگرام تي پنهنجون نيون تصويرون شيئر ڪندي مداحن کي پنهنجي صحت بابت تازي ڄاڻ فراهم ڪئي.
شيئر ڪيل تصويرن ۾ انجلين ملڪ صحتياب ۽ سٺي حالت ۾ نظر اچي رهي آهي.
هن تصويرن سان گڏ لکيو ته هوءَ اڄ جتي به آهي ۽ جهڙي به آهي، تنهن جو سبب مداحن جون دعائون آهن، دعائن سان فرق پوي ٿو ۽ هوءَ انهن دعائن جي ڪري ئي پنهنجي چاهيندڙن سان گڏ آهي.
انجلين ملڪ لکيو ته جڏهن هن ڪينسر خلاف جنگ جي شروعات ڪئي هئي ته هوءَ اڪيلي، مايوس بي يقينيءَ جو شڪار هئي پر هاڻ صورتحال اهڙي ناهي.
هن لکيو ته علاج دوران ڪجهه ناقابلِ يقين واقعا ٿيا، معجزا ٿيا، هوءَ بهتر ٿيڻ لڳي، هاڻ بهتر آهي ۽ اهو سڀ دعائن جو اثر آهي، هوءَ دعائون ڪندڙن جا دل جي گهراين سان ٿورا مڃي ٿي.
انجلين ملڪ موجب جڏهن هوءَ خوف ۽ بي يقينيءَ ۾ هئي ته چاهيندڙن جون دعائون کيس ڪم آيون، انهن دعائن کيس اڳتي وڌڻ جي همت ڏني.
هن ڪينسر خلاف جنگ کي ذاتي نه پر مداحن ۽ چاهيندڙن سان گڏيل جنگ قرار ڏيندي چيو ته دعائن سان فرق پوي ٿو، مون تي پيو، دعائون اثر ڪن ٿيون، اهي معجزا آڻن ٿيون.
انجلين ملڪ جي پوسٽ مان سندس حوصلي جو پتو پوي ٿو پر هن بيماري بابت وڌيڪ وضاحت ناهي ڏني.
واضح رهي ته انجلين ملڪ جي ڪيموٿراپي جو عمل جاري آهي، مئي جي آخر ۾ هن ٻڌايو هو ته سندس 6 ڪيموٿراپيون مڪمل ٿي چڪيون آهن.
فيبروري ۾ هن پنهنجي جيولري ڪليڪشن متعارف ڪرائيندي وارن بنا تصويرون شيئر ڪندي ٻڌايو هو ته کيس ڪينسر جي سڃاڻپ ٿي آهي ۽ سندس علاج جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.