چيني ڪمپني ون پلس پنهنجي نئين سمارٽ فون ”ون پلس: 13 ايس“ کي متعارف ڪرائي ڇڏيو، جيڪو آئي فون، سام سنگ ۽ گوگل پڪسل جهڙين گڏيل خوبين سان ليس آهي.
ڪمپني جي پيش ڪيل هن فون ۾ نه رڳو گوگل پڪسل، آئي فون ۽ سام سنگ گليڪسي جي ڪيترن ئي فونن کان وڌيڪ طاقتور بيٽري شامل آهي پر ان جي فاسٽ چارجنگ به سام سنگ جي سمورن فونن کان تيز آهي.
اهڙي طرح ون پلس: 13 ايس ۾ ڪمپني آرٽيفيشل انٽيليجنس جون اهڙيون خاصيتون ۽ سهولتون شامل ڪيون آهن، جيڪي اڃا تائين گوگل، سام سنگ يا آئي فون جي ڪنهن به فون ۾ نه ڏٺيون ويون آهن.
هن فون ۾ اي آءِ ٽرانسليشن ۽ ٽرانسڪرپ جو فيچر به موجود آهي، جيڪو ڊگهي وڊيو ٻڌي ان جو لکت ۾ مواد فراهم ڪري سگهي ٿو ۽ ترجمو به ڪري سگهي ٿو.
فنگر پرنٽ سينسر سميت ٻين سيڪيورٽي سهولتن سان گڏ ان فون جي ڊزائن، اسڪرين ۽ رنگن کي جديد ٽيڪنالاجي سان ليس ڪيو ويو آهي.
هي فون 6.32 انچ جي اسڪرين سان پيش ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ اينڊرائيڊ 15 آپريٽنگ سسٽم موجود آهي.
ون پلس: 13 ايس کي 12 ۽ 16 جي بي ريم ماڊيول ۽ 256 ۽ 512 جي بي اسٽوريج ماڊيولز ۾ آندو ويو آهي.
فون جي پوئين پاسي ٻه ڪيمرائون ڏنيون ويون آهن، جيڪي ترتيبوار 50 ميگا پڪسل جون آهن، جن ۾ سام سنگ ڪيمرا جي جديد ٽيڪنالاجي استعمال ٿيل آهي.
ان جي سامهون واري ڪيمرا 32 ميگا پڪسل جي آهي، جڏهن ته ان کي 5850 ايم اي ايڇ جي بيٽري ۽ 80 واٽ فاسٽ چارجر سان متعارف ڪرايو ويو آهي.
ڪمپني جي دعويٰ آهي ته فون کي هڪ ڀيرو چارج ڪرڻ کان پوءِ ان تي لڳاتار 7 ڪلاڪن تائين وڊيوز ۽ آڊيوز سان هلائي سگهجي ٿو.
ڪمپني هن فون کي ڪيترن ئي ملڪن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪيو آهي ۽ هر ملڪ ۾ ان جي اگهه مختلف مقرر ڪيا ويا آهن.
پاڪستان ۾ 16 جي بي ريم ۽ 512 جي بي اسٽوريج واري ماڊيول جو اگهه لڳ ڀڳ هڪ لک نوي هزار رپيا رکڻ جو امڪان آهي.
آءِ فون ۽ سام سانگ کي ڌڪ، سموريون خاصيتون رکندڙ ”ون پلس“ جي فون ڌماڪو ڪري ڇڏيو
You might also like