حيدرآباد ۾ تيز رفتار ٽينڪر جو رڪشا ۽ ڪار کي ٽڪر، هڪ ڄڻو فوت، عورت سميت 7 زخمي

حيدرآباد (ويب ڊيسڪ) حيدرآباد ۾ تيز رفتار پاڻي جي ٽينڪر رڪشا ۽ ڪار کي ٽڪر هڻي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ڄڻو فوت ۽ 7 زخمي ٿي پيا.
پٺاڻ ڪالوني وٽ پاڻي جي ٽينڪر رڪشا ۽ ڪار کي ٽڪر هنيو، حادثي ۾ 40 ورهين جو سمير پٽ اصغر فوت ٿي ويو.
حادثي ۾ 7 ڄڻا زخمي به ٿي پيا، جن ۾ ڊاڪٽر سحرش، ذاڪر حسين شاهه، شاهنواز، اسحاق، عمران، ڪرشن ۽ اڪرم شامل آهن.
اکين ڏٺن شاهدن موجب ٻه ٽينڪر ڊرائيور گاڏيون ڀڄائڻ ۾ مصروف هئا، جنهن سبب حادثو پيش آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.