ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري سنڌ حڪومت جي مختلف کاتن ۾ گريڊ هڪ کان 4 تائين جي ملازمن جي ڀرتين جي معاملي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو.
سنڌ حڪومت مختلف کاتن ۾ گريڊ هڪ کان 4 تائين جي ملازمن جي ڀرتين جي معاملي تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري سان رابطو ڪيو هو.
سپريم ڪورٽ پنهنجي حڪم ۾ چيو آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪيسن کي ٻيهر ٻڌي ميرٽ تي فيصلو ڪري.
ٻڌڻي دوران سرڪاري وڪيل دليل ڏيندي چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبائي حڪومت جو موقف ٻڌڻ بنا ئي فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ڀرتين کان روڪي ڇڏيو هو.
You might also like