ڪراچي اولهه (رپورٽر) ڪراچي جي منگهي پير واري علائقي ۾ ٽينڪر مافيا جي غنڊا گردي انتها تي پهچي وئي، ملڪ چانڊيو چوڪ ڀرسان ٽريفڪ اهلڪار کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي. ٽريفڪ اهلڪار تلڪ راج تيز رفتار ٽينڪر کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڊرائيور نه رڪيو ۽ اهلڪار کي زبردستي ٽينڪر ۾ ويهاري فرار ٿيڻ لڳو. اطلاع تي منگهوپير پوليس ٽينڪر جو پيڇو ڪيو، پر ڊرائيور پوليس موبائل کي ٽڪر هنيو، جنهن سبب اهلڪارن هلندي گاڏي مان لاهي جان بچائي، ٽينڪر ڊرائيور سان گڏ مڇريل ماڻهن پوليس تي لٺين ۽ پٿرن سان حملو ڪيو، جنهن ۾ 3 اهلڪار رزاق، يعقوب ۽ اويس زخمي ٿي پيا جن کي اسپتال نيو ويو. پوليس موجب ٽينڪر ڊرائيور کي گرفتار ڪرڻ لاءِ ڇاپا هنيا ويا پر ان دوران لاڳاپيل ڳوٺ ۾ موجود هجوم سخت مزاحمت ڪئي ۽ پوليس تي حملا ڪري وڌيڪ اهلڪارن کي زخمي ڪيو ۽ پوليس گاڏي کي نقصان پهچايو.ايس ايس پي ويسٽ موجب، واقعي تي اغوا، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ ڏوهاري حملن جي قلم تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ۽ وڌيڪ قانوني ڪارروائي جاري آهي.