راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان چيو آهي ته پي ٽي آءِ تي سڀ قانوني ۽ آئيني رستا بند ڪيا ويا آهن، تنهنڪري مان هاڻ پارٽي سربراهه طور جيل مان احتجاجي تحريڪ جي اڳواڻي ڪندس. پي ٽيآءِ جي باني پاران "ايڪس” (ٽويٽر) تي جاري ڪيل پوسٽ مطابق، اڊياله جيل مان جاري ڪيل پيغام ۾ عمران خان چيو: "هن ملڪ ۾ هاڻ جهنگ جو قانون لاڳو آهي، پي ٽي آءِ تي سڀ قانوني ۽ آئيني رستا بند ڪيا ويا آهن، تنهنڪري مان هاڻ پاڻ جيل مان تحريڪ جي اڳواڻي ڪندس. ٻاهر عمر ايوب منهنجي نمائندگي ڪندو، جڏهن ته سلمان اڪرم راجا هدايتن تي عمل ڪرائيندو.”هن وڌيڪ چيو ته: تحريڪ جو لائحه عمل چند ڏينهن ۾ قوم آڏو پيش ڪيو ويندو. اسان پنهنجي اتحادي پارٽين، تحريڪ تحفظ آئين، جي ڊي اي ۽ ماھرنگ بلوچ کي به هن تحريڪ ۾ شرڪت جي دعوت ڏينداسين. انشاءَ الله هيءَ تحريڪ ڪير به روڪي نه سگهندو.” عمران خان قوم کي مخاطب ڪندي چيو: "شايد مون سان ٻيهر ملاقاتن تي پابندي لڳائي وڃي، پر اوهان سڀني کي هاڻ پاڻ اٿي، پاڪستان جي حقيقي آزادي لاءِ بيهڻو پوندو. احتجاج بابت عمران خان چيو تحريڪ ملڪ گير ۽ بنا وقفي جي هلندڙ هوندي، جيڪڏهن مان جيل ڪاٽي سگهان ٿو ته اوهان کي به ڊڄڻ نه گهرجي. اڄ تائين پارٽي ٺهيل ٺڪيل ملي، پر هاڻ ڏکيو وقت آهي ۽ سڀني جو امتحان آهي. مون کي به جيل وجهي، چپ رهڻ ۽ بني گالا واپس وڃڻ لاءِ چيو ويو، جيئن نواز شريف کي ڏهه سال لاءِ خاموش ڪيو ويو، پر مان بزدل نه آهيان، مان يزيديت تي ڪڏهن خاموش نه رهندس.””عوام جو فيصلو اهو ئي آهي جيڪو 8 فيبروري تي سامهون آيو، پر ان چونڊ ۾ به بي شرمي سان ڌانڌلي ڪئي وئي ۽ عوامي مينڊيٽ کي لتاڙيو ويو.”ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي هاڻ سياسي لاش کان وڌيڪ ڪجهه نه آهن. انهن کي پنهنجو اصل ٺڪاڻو، يعني لنڊن، واپس هليو وڃڻ گھرجي.””تحريڪ انصاف کي ختم ڪرڻ ‘لنڊن پلان’ جو حصو هو، ۽ 9 مئي جو واقعو به ان ئي منصوبي جو حصو هو، جنهن جو مقصد پارٽي کي ٽوڙڻ ۽ ختم ڪرڻ هو.”اسٽيبلشمينٽ کي پيغام ڏيندي عمران خان چيو: "منهنجو پيغام آهي ته توهان کي تحريڪ انصاف جي ضرورت آهي، مون کي اوهان جي ڪا ضرورت ناهي. اصل طاقت هميشه ان سان هوندي آهي، جنهن سان عوام بيٺو هجي.” قوم لاءِ عمران خان ٽن وڏين سببن جي نشاندهي ڪئي، جن جي ڪري اتحاد ضروري آهي. مودي هاڻ زخمي آهي ۽ پاڪستان تي ٻيهر حملي جو امڪان آهي، جڏهن ته ڀارت جي معيشت مضبوط آهي، 700 ارب ڊالر جا ذخيرا آهن، تنهنڪري اسان کي به معاشي طور تي مضبوط ٿيڻ گهرجي.