موهالي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي پوليس هڪ ٻئي يوٽيوبر جسبير سنگهه کي پاڪستان لاءِ جاسوسي ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، جسبير سنگهه تي الزام آهي ته هن پاڪستاني ايجنسين سان رابطا رکيا ۽ انهن لاءِ جاسوسي ڪئي.
پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته جسبير سنگهه، يوٽيوبر جيوتي جي گرفتاري کانپوءِ، پنهنجي ۽ پاڪستاني ايجنسين جي وچ ۾ رابطا جا ثبوت ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.
پوليس موجب، جسبير سنگهه 2020، 2021 ۽ 2024 ۾ ٽه ڀيرا پاڪستان جو دورو ڪري چڪو آهي.
جاچ اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته سندس رابطو احسان الرحيم عرف دانش سان رهيو، جيڪو پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ مقرر هو ۽ جنهن کي ويجهڙائي ۾ ڀارت مان نيڪالي ڏني وئي هئي.
ان کانسواءِ سندس واسطو پاڪستاني انٽيليجنس آفيسر شاڪر عرف جٽ رنڌاوا سان به ٻڌايو پيو وڃي.
ڀارتي پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ دوران اهو به پتو پيو آهي ته جسبير سنگهه دانش جي دعوت تي دهليءَ ۾ پاڪستان جي قومي ڏهاڙي واري تقريب ۾ شرڪت ڪئي، جتي هن پاڪستاني اهلڪارن ۽ وي لاگرز سان ملاقاتون پڻ ڪيون.
پوليس موجب، جسبير سنگهه جي قبضي مان هٿ آيل اليڪٽرانڪ ڊوائيسز مان پاڪستاني نمبر هٿ آيا آهن.
موهالي ۾ اسپيشل آپريشن سيل طرفان سندس خلاف ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ جاري آهي ته جيئن هن مبينا وڏي جاسوسي ۽ دهشتگردي واري نيٽورڪ کي مڪمل طور وائکو ۽ سندن سمورن ساٿين کي گرفتار ڪري سگهجي.
واضح رهي ته ويجهڙ ۾ ڀارتي يوٽيوبر جيوتي ملهوترا کي به مبينا طور جاسوسيءَ جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو هو.