پاڪستان ڀارت جا 3 نه 4 رافيل تباهه ڪيا، دنيا اسان جي سچ کي ساراهي رهي آهي: اسحاق ڊار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار دعويٰ ڪئي آهي ته تازي فوجي ڇڪتاڻ دوران ڀارت جا 3 نه، پر 4 رافيل جهاز ڪِيرايا ويا، جڏهن ته مجموعي طور تي 6 ڀارتي جنگي جهاز تباهه ٿيا.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي اسحاق ڊار چيو ته ڀارتي وزيراعظم پلواما واقعي وقت چيو هو ته جيڪڏهن اسان وٽ رافيل جهاز هجن ها ته خبر ناهي ڇا ڪري ڇڏيان ها، پر هاڻ رافيل هئا ۽ 4 جهاز اسان ڪِيرايا، ان جي تصديق به ٿي چڪي آهي.
هن وڌيڪ چيو ته تازي ڇڪتاڻ دوران ڀارت جي روايتي ۽ جوهري هٿيارن جي اڪثريت واري تاثر کي ختم ڪيو ويو، وقت ثابت ڪري ڇڏيو ته اسان جيڪو چيو سو سچ هو ۽ ڀارت جيڪو چيو اهو ڪوڙ ثابت ٿيو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي سفارتي ڪاميابيءَ کي سڄي دنيا ساراهيو آهي.
اسحاق ڊار چيو آهي ته ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ پاڪ فوج طرفان 10 مئي تي ڪيل جوابي ڪارروائي کانپوءِ ڀارت جو علائقائي بالادستي جو خواب مڪمل طور تي دفن ٿي چڪو آهي.
هن چيو ته پاڪستان جي سفارتي مشنز کي ڀرپور موٽ ۽ ڪاميابي ملي آهي، جڏهن ته ڀارت جي ناڪامي تي ماتم ٿي رهيو آهي ۽ ڀارتي ادارا هڪٻئي تي الزام تراشي ڪري رهيا آهن.
اسحاق ڊار جو چوڻ هو ته پاڪستان 23 اپريل کان 10 مئي تائين جيڪو به سچ ٻڌائيندو رهيو، اهو هاڻي عالمي سطح تي سچ ثابت ٿي چڪو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستان جي سفارتي موقف جي واکاڻ ٿي رهي آهي ۽ پاڪستان جي هٿياربند فوجن جي جوابي قدمن کي به ساراهيو پيو وڃي.
هن چيو ته ڀارت طرفان ڪنهن به بهاني سان پاڪستان خلاف جارحيت کي ”نيو نارمل“ بڻائڻ جو خواب هاڻي دفن ٿي چڪو آهي. ڀارت جي علائقائي بالادستي جو تصور ختم ٿي ويو آهي، جڏهن ته پاڪستان جي سفارتي ڪاميابيون گڏيل محنت جو نتيجو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.