ڪراچيءَ ۾ وڏي زلزلي جي اڳڪٿي، چيف ميٽرولاجسٽ جو ردعمل اچي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ ۾ خانگي اداري طرفان وڏي زلزلي جي اڳڪٿي ڪرڻ تي چيف ميٽرولاجسٽ امير حيدر جو ردعمل سامهون آيو آهي.
گذريل ڏينهن نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران ارٿ ڪوئيڪ نيوز اينڊ ريسرچ سينٽر جي سي اي او محمد شهباز لغاري چيو هو ته ڪراچيءَ ۾ آيل تازن زلزلي جي لوڏن کي نظرانداز نه ڪيو وڃي، خميس جي رات کان ڇنڇر جي رات تائين وڌيڪ شدت وارا زلزلا اچي سگهن ٿا، ها پر ننڍا زلزلا، وڏن زلزلي جي امڪان کي گهٽائين ٿا.
ان تي ردعمل ڏيندي چيف ميٽرولاجسٽ امير حيدر چيو آهي ته هن وقت تائين دنيا ۾ اهڙي ڪا به ٽيڪنالاجي موجود نه آهي، جيڪا زلزلي جي اڳڪٿي ڪري سگهي، ايستائين جو جپان جهڙي ترقي يافته ملڪ ۾ به ڪو عام ماڻهو اهڙي اڳڪٿي نه ٿو ڪري سگهي.
امير حيدر وضاحت ڪئي ته ڪراچيءَ ۾ تاريخي طور تي 5.5 کان 5.8 شدت جا زلزلا ايندا رهيا آهن ۽ اڪثر ڪري اهي معمولي کان وچولي درجي جا زلزلا هوندا آهن.
هن ٻڌايو ته موجوده زلزلا لانڍي فالٽ لائين جي متحرڪ هئڻ سبب اچي رهيا آهن، جيڪي معمولي لوڏا آهن.
چيف ميٽرولاجسٽ وڌيڪ چيو ته دنيا ۾ لکين اهڙي نوعيت جا زلزلا روز اچن ٿا، لانڍي فالٽ لائين هن وقت ايڊجسٽمينٽ واري عمل مان گذري رهي آهي، تنهنڪري ايندڙ هڪ هفتي تائين اهڙن معمولي لوڏن جي جاري رهڻ جو امڪان آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.