اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) خانگي اداري ”ارٿ ڪوئيڪ نيوز اينڊ ريسرچ سينٽر“ هلندڙ هفتي ڪراچيءَ ۾ شديد زلزلي جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
نيشنل پريس ڪلب اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران سينٽر جي سي اي او محمد شهباز لغاري چيو آهي ته ڪراچي ۾ آيل تازن زلزلي جي لوڏن کي نظرانداز نه ڪيو وڃي، خميس جي رات کان ڇنڇر جي رات تائين وڌيڪ شدت وارا زلزلا اچي سگهن ٿا، ها، پر ننڍا زلزلا، وڏي زلزلي جي امڪان کي گهٽائن ٿا.
محمد شهباز لغاري وضاحت ڪئي ته مٿن خوف پکيڙڻ جا الزام لڳايا وڃن ٿا، پر سندن ادارو اڳواٽ اطلاع ذريعي حڪومت ۽ عوام کي حفاظتي اپاءَ اختيار ڪرڻ ڏانهن ڌيان ڏياري ٿو.
هن شڪايت ڪئي ته پاڪستان ۾ سندن خلاف رنڊڪون کڙيون ڪيون پيون وڃن، جڏهن ته پرڏيهه مان حوصلا افزائي ۽ گڏجي ڪم ڪرڻ جون آڇون ملي رهيون آهن.
سندس چوڻ هو ته ارٿ ڪوئيڪ نيوز اينڊ ريسرچ سينٽر دنيا جو پهريون اهڙو ريسرچ سينٽر آهي، جيڪو زلزلي جي اڳواٽ اطلاع ڏيڻ جو دعويٰ ڪري ٿو، جنهن جا ثبوت ان جي يوٽيوب چينل ” ايِ ڪيو ڪيو اين“تي موجود آهن.
ٻئي طرف، ٻه ڏينهن اڳ هڪ بيان ۾ چيف ميٽرولاجسٽ امير حيدر چيو هو ته ڪراچيءَ ۾ زلزلي جا لوڏا لانڍي فالٽ ريجن ۾ محسوس ٿيا آهن، جيڪي معمولي شدت جا آهن.
هن ٻڌايو ته ان فالٽ لائين تي اڄ تائين ڪنهن وڏي زلزلي جا آثار نه مليا آهن، جڏهن ته ڪراچي جي ٻي فالٽ لائين ٿاڻو بولا خان جي ويجهو آهي، جيڪا پڻ سرگرم فالٽ لائين آهي.
چيف ميٽرولاجسٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته اهڙين فالٽ لائينز مان معمول جي لوڏن کي قدرتي سرگرمي سمجهڻ گهرجي، ڪجهه ڏينهن تائين اهڙا لوڏا جاري رهندا.
ڪراچي ۾ هلندڙ هفتي وڏي زلزلي جو خدشو، ارٿ ڪوئيڪ نيوز اينڊ ريسرچ سينٽر خبردار ڪري ڇڏيو
You might also like