نيويارڪ(م ڊ) پيپلز پارٽي جي چيئرمين ۽ پاڪستاني سفارتي مشن جي سربراهه بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته مودي نيتن ياهو جي ڪاپي آهي، ٻئي انتهاپسند آهن ۽ نفرت کي هٿي ڏيڻ چاهين ٿا، مودي گجرات جو ڪاسائي هو، ڪشمير جو ڪاسائي بڻجي ويو آهي، هاڻي پاڻي بند ڪري سنڌو تهذيب جو ڪاسائي بڻجڻ چاهي ٿو، پاڻي روڪڻ عالمي قانون جي ڀڃڪڙي آهي، پاڻي کي هٿيار طور استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، صورتحال خراب ٿيڻ کان اڳ عالمي برداري ڪردار ادا ڪري، پاڪستان ڀارت سان امن ٿو چاهي، پر شرطن تي نه، ڳالهه ٻولهه ئي امن جو واحد رستو آهي، امن جو حصول صرف ڊائلاگ ۽ سفارتڪاري وسيلي ئي ممڪن آهي، نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي هيڊڪوارٽر ۾ پريس ڪانفرنس دوران بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت بنا ڪنهن جاچ ۽ ثبوت جي پهلگام واقعي جو الزام پاڪستان تي لاڳو ڪيو، جڏهن ته ان واقعي تي وزيراعظم شهباز شريف ڀارت کي جاچ جي آڇ ڪئي هئي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀارت طرفان سرحدي حدن جي ڀڃڪڙي ڪئي وئي ۽ جارحيت جي ذريعي بيگناهه شهري نشانو بڻايا ويا، ڀارت مسجدن کي به شهيد ڪيو، جڏهن ته ڀارت بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ دهشتگردي ۾ به ملوث آهي، پاڪستان هر قسم جي دهشتگردي جي سخت مذمت ڪري ٿو، اسان دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏي قيمت ادا ڪئي آهي، پاڪستان دهشتگردي کان سڀ کان وڌيڪ متاثر ملڪ آهي، منهنجي والده به دهشتگردن هٿان شهيد ٿي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته دهشتگردي کي سياسي هٿيار طور استعمال نه ڪرڻ گهرجي، اسان ڏٺو ته تازو تڪرار ڪيتري تيزيءَ سان وڌيو، ٻن ايٽمي طاقت رکندڙ ملڪن جنگ جي ڪناري تائين پهچي ويا هئا، پر آمريڪي صدر سميت عالمي برادري فائر بندي ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هن چيو ته ڀارتي قدم علائقي جي سلامتي لاءِ خطرو بڻجي چڪا آهن، علائقي ۾ تڪرار جي بنيادي وجهه ڪشمير جو حل نه ٿيڻ آهي، جڏهن ته ڀارت پاڪستان تي حملو ڪيو ته ان اسرائيلي ڊرون جو به استعمال ڪيو، هن چيو ته سنڌ طاس معاهدي جي ڀارت پاران ڀڃڪڙي قابلِ مذمت آهي، مان دنيا کان پڇڻ ٿو چاهيان ته جيڪڏهن ڪنهن جي زندگيءَ جي لائين ڪٽي وڃي ته ان جو ردعمل ڇا ٿيندو؟، بلاول ڀٽو زرداري جو چوڻ هو ته ڀارت، اسرائيل وانگر عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي، ڀارت پاران پاڻي روڪڻ عالمي معاهدن جي کليل ڀڃڪڙي آهي، اسان پاڻي کي هٿيار طور استعمال ٿيڻ نه ڏينداسين، هن چيو ته ڪشمير جي تڪرار جو ڪو به فوجي حل ناهي، ڳالهه ٻولهه ئي واحد رستو آهي، جڏهن ته ڀارت سان امن چاهيون ٿا پر ڪنهن به شرط تي نه، امن جو قيام صرف ڳالهين ۽ سفارتڪاري ذريعي ئي ممڪن آهي، مودي حڪومت انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين ۾ ملوث آهي، اسان وٽ ڀارت خلاف شڪايتن جي ڊگهي فهرست موجود آهي، ڀارت لڳاتار پاڪستان خلاف بيان ڏئي رهيو آهي، هاڻ ڀارت خطي ۾ نئون اصول لاڳو ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته، مودي کي ڏسو ته هو نيتن ياهو جو نقل لڳي ٿو، ڀارت ۽ اسرائيل جي قدمن ۾ حيران ڪندڙ مشابهت موجود آهي، مودي ۽ نيتن ياهو ٻئي انتهاپسند اڳواڻ آهن، جيڪي نفرت کي هٿي ڏئي رهيا آهن ۽ پنهنجي پنهنجن علائقن ۾ امن لاءِ وڏي رنڊڪ بڻجي چڪا آهن، هن زور ڀريو ته "پاڪستان عالمي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته ڀارتي جارحيت جو نوٽيس ورتو وڃي، حالتون وڌيڪ خراب ٿيڻ کان اڳ، عالمي قوتن کي پنهنجو مؤثر ۽ غيرجانبدار ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي ته جيئن خطي ۾ پائيدار امن ممڪن بڻجي سگهي، هن چيو ته دنيا کي گهرجي ته ڀارت ۽ اسرائيل جي يڪطرفه ۽ جارحاڻي پاليسين کي روڪي، ڇو ته اهڙن قدمن جا نتيجا عالمي امن لاءِ به خطري جو باعث بڻجي سگهن ٿا، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته دهشتگردي جي خاتمي لاءِ ڳالهين ۽ تعاون ضروري آهي، جڏهن ته ڀارتي حڪومت پنهنجي ملڪ ۾ دهشتگردي کي مسلمانن جي سڃاڻپ کي خراب ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري ٿي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ آبادي جي جوڙجڪ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، ڀارتي فنڊنگ سان هلندڙ نيٽ ورڪ پاڪستان ۾ خونريزي ۾ ملوث آهي، پاڪستان ثبوت دنيا آڏو پيش ڪري چڪو آهي، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته پاڪستان وٽ آمريڪا ۽ چين سان معاشي تعاون جا معاهدا آهن، صدر ٽرمپ هاڻي پاڪستان سان جامع واپاري معاهدي جا خواهشمند آهن.