ڪراچي (ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اعلان ڪيو آهي ته عيد کان فوري بعد قائد آباد انٽرچئنيج تائين شاهراهه ڀٽو کي ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو.
وڏي وزير جي صدارت هيٺ شاهراهه ڀٽو جي اڏاوتي ڪم جي اڳڀرائي بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب، خاص مددگار قاسم نويد ۽ چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه سميت لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
اجلاس دوران وڏي وزير چيو ته شاهراهه ڀٽو جو شاهه فيصل ڪالوني کان قائدا آباد انٽرچئينج تائين ڪم لڳ ڀڳ مڪمل ٿي چڪو آهي، جنهن کي عيد کانپوءِ ٽريفڪ لاءِ کوليو ويندو.
اجلاس ۾ بريفنگ دوران ڄاڻايو ويو ته ڄام صادق پل کان شاهراهه ڀٽو جي داخلي حصي تي 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته باقي ڪم ييلو لائين منصوبو مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پورو ڪيو ويندو.
اختيارين موجب، اي بي ايم انٽرچئينج جو ڪم 100 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي، جڏهن ته قائد آباد انٽرچئينج جي ڏاکڻي حصي تي 98 سيڪڙو ڪم ٿي چڪو آهي.
وڏي وزير کي سمون گوٺ واري بلند اسٽرڪچر بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ويو ته 1380 گرڊز مان 520 لڳايا ويا آهن ۽ 860 باقي آهن، جڏهن ته سمون گوٺ جي 4 ڪلوميٽر ڊگهي ايڪسپريس وي جي حصي تي 44.4 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي.
You might also like