ميلبورن (ويب ڊيسڪ) ڪرڪيٽ آسٽريليا جي نئين سي اي او ٽوڊ گرين برگ چيو آهي ته آسٽريلوي ٽيم ٽيم ايندڙ سال جي شروعات ۾ وائيٽ بال سيريز لاءِ پاڪستان جو دورو ڪندي.
آن لائن پريس ڪانفرنس دوران ٽوڊ گرين برگ چيو ته پاڪستان خلاف سيريز اسان جي شيڊيول جو اهم حصو آهي ۽ مون کي لڳي ٿو ته هي دورو هڪ ڀيرو ٻيهر سٺو تجربو ثابت ٿيندو.
هن ٻڌايو ته پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ ريڊ بال ۽ وائيٽ بال سيريز بابت سٺي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، اسان پاڪستان ۾ وڌيڪ سيريز لاءِ موقعا ڳولينداسين.
ٽوڊ گرين برگ وڌيڪ چيو ته 2022 ۾ ڊگهي عرصي کانپوءِ اسان پاڪستان جو دورو ڪيو، جتي ڪينگروز جي تاريخي آجيان ڪئي وئي هئي.
هن چيو ته اسان بي بي ايل ۾ وڌيڪ پاڪستاني رانديگرن کي ڀليڪار چونداسين، ڇاڪاڻ ته انهن جي هتي تمام گهڻي مقبوليت آهي، جيڪڏهن پاڪستان جا اهم رانديگر بي بي ايل ۾ شامل ٿين ٿا ته اهو ليگ لاءِ لاڀائتو ثابت ٿيندو.