ڪراچي (رپورٽر) سنڌو بچايو ڪاميٽي ۽ جي ڊي اي جو اهم اجلاس فنڪشنل ليگ هائوس جي ڊي اي جي چيف ڪوآرڊينيٽر سيد صدرالدين شاهه راشدي جي صدارت هيٺ ٿيو.اجلاس کي خطاب ڪندي صدرالدين شاھ راشدي چيو ته حڪومت کي قوم پرستن ۽ علحدگي پسندن ۾ فرق ڪرڻ گهرجي، اسان کي ڪنهن کان به محب وطن هجڻ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت ناهي. اسانجي خاندان اسلام ۽ پاڪستان لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن ھن چيو ته مورو جو پرتشدد واقعو سنڌ حڪومت جي نااهلي جو ثبوت آهي، جنهن جي اسان مذمت ڪيون ٿا.هن مطالبو ڪيو تجي ڊي اي اڳواڻ مير غلام مرتضيٰ جتوئي، مسرور خان جتوئي ۽ ٻين جماعتن جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن تي داخل ٿيل ڪوڙا ڪيس ختم ڪيا وڃن ۽ مورو سانحي جي جاچ لاءِ هڪ اعليٰ عدالتي ڪميشن جوڙي وڃي،اجلاس ۾ سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ هلندڙ تحريڪ کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ اڳوڻي وڏي وزير ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، ڊاڪٽر صفدر عباسي، سردار عبدالرحيم، حسنين مرزا، سيد منير حيدر شاهه، رياض چانڊيو، عبدالرزاق راهمون، شاهنواز جتوئي، جڳديش آهوجا، حسام مرزا، فرحان لاڙڪ، سيد صالح محمد شاهه، منير نائچ ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي