بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ فتح، مائيڪ هيسن اهم پيغام جاري ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان وائيٽ بال ٽيم جي هيڊ ڪوچ مائيڪ هيسن بنگلاديش خلاف ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ڪلين سوئيپ فتح کانپوءِ سوشل ميڊيا تي پيغام جاري ڪري ڇڏيو.
مائيڪ هيسن بنگلاديش ٽيم کي وائيٽ واش ڪرڻ کانپوءِ جاري ڪيل بيان ۾ لکيو ته ” پاڪستان ٽيم سان گڏ شروعات انتهائي شاندار رهي، اسان پنهنجون پاڻ چئلينج ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو. “
مائيڪ هيسن چيو ته هو مختلف ڪامبينشن آزمايو، گهرجن پٽاندڙ بيٽنگ لائين جوڙي ۽ بالنگ ۾ پنهنجي صلاحيتن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي.
هن وڌيڪ چيو ته جنهن نموني نوجوان گروپ ڪارڪردگي ڏيکاري ان تي فخراٿم.
واضح رهي ته آچر ڏينهن پاڪستان ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ بنگلاديش کي ستن وڪيٽن تان هارائي ڪلين سوئيپ ڪري ڇڏيو.
پاڪستان بنگلاديش جو 197 رنسن جو هدف 18 هين اوور ۾ ٽن وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ورتو، ميچ ۾ محمد حارث 107 رنسن جي ناقابلِ شڪست اننگز کيڏي، جڏهن ته صائم ايوب 45 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.