ايڪس ۾ وري ڦيرڦار، مسڪ وڏو اعلان ڪري ڇڏيو

ايلون مسڪ جو ايڪس ( اڳوڻو ٽوئيٽر) لاءِ ايڪس چيٽ متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو آهي.
مسڪ ايڪس (ٽوئٽر) ۾ جلدي هڪ وڏي تبديلي ڪئي پئي وڃي ۽ ڊائريڪٽ پيغامن (ڊي ايمز) تبديل ڪري”ايڪس چيٽ“ نالي هڪ نئون چيٽ سسٽم متعارف ڪرايو پيو وڃي.
ايڪس جي مالڪ ايڪ مسڪ موجب، ايڪس چيٽ ۾ اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن، مخصوص وقت کانپوءِ پاڻمرادو پيغام ڊليٽ ٿيڻ، فائل شيئرنگ ۽ وائس/آڊيو ڪالنگ جهڙا فيچرز موجود هوندا.
مسڪ طرفان ايڪس چيٽ کي واٽس ايپ، ٽيليگرام ۽ سگنل جهڙن ميسجنگ پليٽ فارمن کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ تيار ڪيو پيو وڃي.
سندس چوڻ هو ته نئين ميسجنگ سسٽم بِٽ ڪوائن جهڙي انڪرپٽيڊ ٽيڪنالاجي استعمال ڪئي ويندي، پر ان حوالي سان اڃا تائين ٽيڪنيڪي تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.
واضح رهي ته ايڪس چيٽ اڳواٽ ئي ڪجهه ماهوار فيس ادا ڪندڙ واهپيدارن لاءِ بيٽا ورزن موڊ ۾ موجود آهي، پر مفت صارفين اِها سهولت ڪڏهن متعارف ڪرائي ويندي اهو ٻڌائڻ مشڪل آهي.
ايلون مسڪ جو مقصد ايڪس کي هڪ ” سپر ايپ“ بڻائڻ آهي، جنهن ۾ ميسجنگ، پئمنٽ، ميڊيا ۽ ٻيا ڪيترائي فيچرز هڪ ئي هنڌ موجود هجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.