ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچيءَ جي مختلف علائقن ۾ ڪالهه کان کان وٺي چوٿون ڀيرو زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا آهن.
شهرين جو چوڻ آهي ته صبح اٽڪل 10 لڳي 25 منٽن تي لانڍي ۽ ملير جي ويجهو ٻيهر زلزلي جا جھٽڪا محسوس ڪيا ويا.
علائقي واسين موجب، قائدآباد، ملير، سعودآباد، گلستان جوهر، کوکراپار، اسٽيل ٽائون ۽ ويجهن علائقن ۾ زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا.
شهرين جو چوڻ آهي ته ته صبح 11 لڳي 4 منٽن تي زلزلي جا وڌيڪ لوڏا محسوس ٿيا، جنهن سبب سخت خوف ۽ هراس پکڙجي ويو ۽ ماڻهو گهرن مان ٻاهر نڪري آيا.
زلزلي ماپ مرڪز موجب، لانڍي ۽ ملير ۾ محسوس ٿيندڙ زلزلي جي شدت 3.2 هئي، زلزلي جو مرڪز قائداآباد جي ويجهو هو ۽ زمين اندر ان جي اونهائي 10 ڪلوميٽر رڪارڊ ڪئي وئي، لوڏا صبح 10 لڳي 29 منٽن تي رپورٽ ٿيا
ياد رهي ته گذريل ڏينهن به ڪراچيءَ ۾ ٻه دفعا زلزلي جا لوڏا محسوس ڪيا ويا هئا.