جوهانسبرگ (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريقي ڪرڪيٽ ٽيم جي جارح مزاج وڪيٽ ڪيپر بيٽر هينرڪ ڪلاسن انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪرڪيٽر سوشل ميڊيا پوسٽ ذريعي عالمي ڪرڪيٽ تان پنهنجي رٽائرمينٽ جو اعلان ڪيو.
پنهنجي پوسٽ جي ڪيپشن ۾ هن لکيو ته ” اڄ مون لاءِ انتهائي ڏکيو ڏينهن آهي، ڇو ته اڄ مان انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کان ڌار ٿي رهيو آهيان.“
هينرڪ ڪلاسن ٻڌايو ته” هي مون لاءِ هڪ ڏکيو فيصلو هو ۽ مون کي اهو طئي ڪرڻ ۾ گهڻو وقت لڳو ويو ته منهنجي مستقبل ۽ منهنجي خاندان لاءِ ڇا بهتر آهي.“
هن وڌيڪ لکيو ته ”پهرئين ڏينهن کان وٺي پنهنجي ملڪ جي نمائندگي ڪرڻ مون لاءِ اعزاز جوڳي ڳالهه آهي. منهنجي سيني تي لڳل ڏکڻ آفريقي بيج تي هميشه فخر رهندو.“
هينرڪ ڪلاسن چيو ته ”ان فيصلي کانپوءِ مون کي پنهنجي ڪٽنب سان وقت گذارڻ جو موقعو ملندو، مان پنهنجي ساٿين، ٽيم ميمبرن ۽ هميشه سپورٽ ڪندڙن گهڻگهرن جو ٿورائتو آهيان.“
ياد رهي ته هينرڪ ڪلاسن چئن ٽيسٽ، اٺهٽ ون ڊي ۽ اٺونجاهه ٽي ٽوئنٽي عالمي مقابلن ۾ ڏکڻ آفريڪي ڪرڪيٽ ٽيم جي نمائندگي ڪئي.
”پنهنجي مستقبل بابت فيصلو ڪرڻ ۾ گهڻي دير ٿي وئي“ هينرڪ ڪلاسن عالمي ڪرڪيٽ کي الوداع چئي ڇڏيو
You might also like