آءِ ايس آءِ سربراهه طور هٽائجڻ بعد عاصم منير بشريٰ بي بي سان رابطو نه ڪيو هو

اسلام آباد(حماد حسن) ھفتو ٻھ اڳ آمريڪا مان آيل ھڪ بزنيس مين جيڪو عمران ۽ پي ٽي آئي جوھمدرد آھي ان جي عمران خانسان ملاقات ٿي ھئي.ھن ڪجھھ عمران خان کي خبرون ڏنيون جيڪي ان لاءِ خوفناڪ ھيون.جنھن بعد بيرسٽر علي ظفر جي ڊگھي ملاقات ٿي .ان دوران پيغام رساني بھ ٿي پر اھا شٽ اپ ڪال طور ھئي.جنھن بعد عمران خان سان عليمھ جي ملاقات ٿي ۽ ھن ڏي وٺ بابت ڳالھھ ڪئي.ذريعن مطابق عليمھ خان کي چيو ويو تھ وزيراعظم سان ڳالھايو.ان صورتحال جي ڪري عمران خان ۽ بشريٰ بي بي ٻئي پريشان آھن.جنھن بعد عمران گنڊاپور ۽ ٻين کي احتجاج جي تياري جي نياپو ڏنو.ھن وقت پي ٽي آئي جا ڪارڪن ٻاھر نڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناھن. ڪي گھر ويھي پارٽي سان گڏ آھن تھ ڪي وري ڪيسن کي منھن ڏئي رھيا آھن. ھن وقت تھ مقامي ڪارڪنن جون فھرستون بھ ٺھي ويون آهن.پارٽي اڳواڻ بھ احتجاج بھ حق ۾ ناھن، ڪيترائي گروپ الڳ ٿي ويندا ۽ احتجاج کان الڳ رھندا.پارٽي ۾ گروپ بندي ٿي وئي آھي.ٻئي پاسي عمران خان ٽوئٽ ڪئي تھ جڏھن ھن جنرل عاصم منير کي ھٽايو تھ ھن بشريٰ بي بي سان رابطو ڪيو ھيو پر منھنجي ڇنڊڇاڻ ۽ ذريعن مطابق جڏھن ڪرپشن جي فائلن ڏيکارڻ تي عمران خان ناراض ٿي جنرل عاصم منير کي ھٽايو تھ ھن ڪنھن سان بھ رابطو نھ ڪيو ھيو.

نوٽ: هي تجزيو روزاني عوامي آواز، سومر 02 جون 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.