سيالڪوٽ (م ڊ) پنجاب اسيمبلي جي تڪ پي پي 52 سيالڪوٽ ۾ ٿيندڙ ننڍي چونڊ جي غير حتمي ۽ غير سرڪاري نتيجن اچڻ جو سلسلو جاري آهي، جتي مسلم ليگ ن جي اميدوار حنا ارشد وڙائچ کي واضح برتري حاصل آهي،ن ليگ جي حنا ارشد وڙائچ 78419ووٽ کڻي پهرين نمبر تي آهي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار فاخر نشاط گھمن 40037ووٽ کڻي ٻئي نمبر تي آهي، اها سيٽ مسلم ليگ ن جي ايم پي اي مرحوم ارشد وڙائچ جي وفات بعد خالي ٿي هئي، جنهن تي سندس گهر واري حنا ارشد کي ٽڪيٽ ڏني وئي هئي.هن چونڊ ۾ ن ليگ جي حنا ارشد، پي ٽي آءِ جي حمايت يافته آزاد اميدوار فاخر نشاط گھمن ۽ پيپلز پارٽي جي راحيل ڪامران چيما ميدان ۾ هئا.ٻئي پاسي، پاڪستان تحريڪ انصاف پاران هن ضمني چونڊ ۾ ڌانڌلي جا الزام سامهون آيا آهن. پارٽي قيادت دعويٰ ڪئي آهي ته چونڊ عمل دوران سرڪاري مشينري ۽ اثر رسوخ استعمال ڪيو ويو،
-
اليڪشن ڪميشن پاران سمبڙيال ۾ ڌانڌلي جا الزام رد
لاهور/اسلام آباد (م ڊ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان (ECP) طرفان پنجاب جي تڪ پي پي 52 سمبڙيال ۾ ٿيندڙ ضمني چونڊ دوران پاڪستان پيپلز پارٽيپاران هنيل ڌانڌلي جا الزام بي بنياد قرار ڏنا ويا آهن.ڊان نيوز جي رپورٽ مطابق، اليڪشن ڪمشنر پنجاب طرفان جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته پي پي 52 سيالڪوٽ ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ راجا پرويز اشرف پاران لڳايل الزام حقيقت جي ابتڙ آهن، جيڪڏهن سندن وٽ ڪو به ثبوت آهي ته اليڪشن ڪميشن وٽ شڪايت داخل ڪن، اسان هر جائز شڪايت جو فوري ازالو ڪنداسين،اليڪشن ڪميشن واضح ڪيو ته اهڙيون خبرون به سراسر غلط آهن ته انتظاميا پولنگ اسٽيشن بند ڪيا، حقيقت اها آهي ته سڀ پولنگ اسٽيشنن تي پولنگ پرامن نموني جاري رهي،ٻئي طرف، پاڪستان پيپلز پارٽي سينٽرل پنجاب جي جنرل سيڪريٽري سيد حسن مرتضيٰ چيو ته سيالڪوٽ ۾ ٿيندڙ اليڪشن دوران ڪيترا ئي چهرا بي نقاب ٿي رهيا آهن، پيپلز پارٽي ٻيهر عوامي مقبوليت طرف وڌي رهي آهي.پيپلز پارٽي جي قيادت جي طرفان الزام لڳايو ويو ته چونڊ عمل دوران ڪجهه ڌريون اثرانداز ٿي رهيون آهن، پر اليڪشن ڪميشن انهن الزامن کي مڪمل طور رد ڪري ڇڏيو آهي.