ڪيٽي بندر(رپورٽ: الياس سمون) ٻٻرلو ڌرڻي جي سرواڻ نامياري وڪيل ايڊووڪيٽ عامر نواز وڙائچ چيو آهي ته ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي تي سنڌ جون زمينون نيلام ٿيڻ نه ڏينداسين. حڪومت کي 30 جون تائين وقت ڏنل آهي جيڪڏهن زمينون ڏيڻ جو فيصلو واپس نه ٿيو ته تحريڪ جو اعلان ڪنداسين. مورو وارن سان انصاف نه ٿيو ته مجبور ٿي سندن حقن لاءِ روڊن تي نڪري اچبو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه ٺٽو جي ساحلي پٽي جي دوري دوران عوامي آواز سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته اسان اڳ ۾ ئي واضح ڪري چڪا آهيون ته طاقت جي زور تي موري وارن کي ڪچلڻ غير قانوني ۽ غير آئيني ڪم آهي. حڪومت جي اهڙي عمل سان ماڻهن جي دلين ۾ نفرت پيدا ٿيندي، اهڙي عمل کي بند ڪيو وڃي، جيڪڏهن موري جي متاثرين سان انصاف نه ٿيو ته اسان مجبور ٿي وينداسين ته انهن سان احتجاج ۾ گڏجي بيهون. هن چيو ته موري وارن جي علائقي جو موبائل نيٽ ورڪ بند آهي. روزمره جا معاملا متاثر آهن. سندن ماڻهو گم ڪيا ويا آهن. اسين حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته مورو جي معاملي کي سنجيده وٺي اتان جي زندگي نارمل ڪئي وڃي. متاثرن جي ايف آءِ آر داخل ڪري گم ڪيل ماڻهن کي ظاهر ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته اسان اڳ ۾ چئي چڪا آهيون ته درياهه جو سمنڊ ۾ ڇوڙ ٿيندڙ پاڻي ضايع نٿو ٿئي، اهو هڪ قدرتي ۽ فطري عمل آهي، هن چيو ته هن وقت ڊيلٽا ۾ پاڻي نه وڃڻ ڪري لکين ايڪڙ زمين سمنڊ کائي ويو آهي، ڊيلٽا ۾ پاڻي اچڻ ڪري اتان جو ٻيو ماحول به بهتر ٿيندو آهي، هن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪئنالن جو ڪم نٿو ٿئي. بهاولپور ۽ سرائڪي بيلٽ جا دوست آيا آهن. جن کان پڇو آهي انهن ٻڌايو ته ڪنهن به ڪينال جو ڪم نٿو هلي. هن چيو ته جڏهن کان نوٽيفڪيشن نڪتو آهي. ڪينال جو ڪم بند پيل آهي. سنڌو درياهه تي ڪو به ڪينال قبول ناهي. جيستائين ڪينالن ٺاهڻ جو آرڊر نٿو اچي تيستائين مداخلت نه ڪنداسين، ان موقعي تي محمد اشرف سمون ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.