داعش خراسان پاران بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ قومپرستن خلاف جنگ جو اعلان

تحرير: محمد عامر رانا

بلوچستان صوبي ۾ بلوچ باغين  جي دهشتگرد حملن ۾ واڌ ۽  داعش خراسان جي خاموشي سان توريل تڪيل  شموليت سان صوبي جو سيڪيورٽي منظرنامو اڃان پڻ وڌيڪ پيچيده ٿيندو پيو وڃي.هڪ غير متوقع قدم طور داعش خراسان نھ رڳو پاڪستاني رياست خلاف پر خود باغين خلاف به جنگ جو اعلان ڪندي داعش خراسان انهن جي قومپرست ايجنڊا کي غير اسلامي قرار ڏنو آهي.تازو ئي داعش هڪ پمفليٽ جاري ڪيو جنهن ۾ پاڪستان ۾ نسلي لساني قوم پرست تحريڪن جي مذمت ڪئي وئي، جنھن ۾ واضح طور تي بلوچ ۽ پختون قوم پرست تحريڪن کي نشانو بڻايو ويو.جنھن ۾ بلوچ يڪجھتي ڪميٽي ۽ ان جي اڳواڻ ماه رنگ بلوچ، پشتون تحفظ موومينٽ ۽ ان جو اڳواڻ منظور پشتين

شامل هئا.

هي ڌمڪي وارو پمفليٽ  جاري ٿيڻ خود ھڪ ڳڻتي ۾ وجھندڙ عمل آھي.بهرحال، ٻئي ڏينهن داعش خراسان  هڪ آڊيو بيان جاري ڪندي معاملي کي وڌائي ڇڏيو، جنهن ۾ باضابطه طور تي بلوچ باغين خلاف جنگ جو اعلان ڪندي ان کي درست قرار ڏنو.ان ۾ بلوچ لبريشن آرمي تي بلوچستان جي مستونگ ضلعي ۾ سندن جنگجوئن کي مارڻ جو بھ الزام ھنيو ويو.

جيتوڻيڪ داعش خراسان  پنهنجي اصل بنيادي  گروپ آِ ايس آءِ اي، جي شروعاتي ڏينهن کان بلوچستان ۾ موجود آهي ۽ ان جي قيادت سان وفاداري جو وچن ڪندڙ پهرين عالمي ساٿين مان هڪ هئي، پر هن وقت تائين ڪڏهن به قوم پرست قوتن سان سڌو سنئون مقابلو نه ڪيو آهي. داعش خراسان جي اڳ ۾ ئي غير مستحڪم ٿيٽر ( ميدان ) ۾ داخل ٿيڻ جو ڇا مطلب آهي ؟ ۽ ڇا اهو بلوچستان ۾ تڪرار جي حرڪيات کي نئين شڪل ڏئي سگهي ٿو؟

داعش خراسان  2016 کان وٺي بلوچستان ۾ 33 دهشتگرد حملن ۾ ملوث رھي آهي، نتيجي ۾ 436 ماڻھون موت جي منھن ۾ ھليا ويا ۽ 691 زخمي ٿيا. داعش جي شروعاتي ھدفن ۾ مزارون ۽ گرجا گھر رھيا ھئا. داعش خراسان  8 ڀيرا مزارن ۽ گرجا گھرن تي حملو ڪيو ، جڏهن ته سياسي شخصيتن، خاص طور تي جميعت علماءِ اسلام (ف)سان لاڳاپو رکندڙ سياستدان، انساني حقن جا اڳواڻ داعش جي هٽ لسٽ ۾ مٿي رھيا آهن.ٻئي نمبر تي سيڪيورٽي فورسز ۽ پوليو هيلٿ ورڪرز رھيا آهن.بلوچستان ۾ ڪيترن ئي جي يو آءِ (ف) جي  سينئر اڳواڻن کي نشانو بڻايو ، جن ۾ مولانا عبدالغفور حيدري، حافظ حمدالله ۽ مولانا عبدالواسع شامل آهن. ان سبي ۾ پي ٽي آءِ جي اميدوار کي به نشانو بڻايو، سڀ کان خطرناڪ اڳوڻي صدر عارف علوي تي قاتلاڻو حملو هو،جنھن ۾ ھو بچي ويو.داعش گروپ، قومپرست اڳواڻن ۽ رياست جي حامي سياستدانن کي به نه ڇڏيو آهي.جنھن ۾ ذڪر جوڳو  بلوچستان عوامي پارٽي جو سراج رئيساني آھي. جيڪو 2018 جي چونڊ مهم دوران قتل ڪيو ويو.ٻيو  ڳڻپ ۾ ايندڙ واقعو مستونگ ۾ چيني شهرين جو اغوا هو.

دلچسپ ڳالهه ھي آهي ته خيبرپختونخواهه وانگر، بلوچستان ۾ بھ داعش خراسان جون ڪارروايون مخصوص علائقن تائين محدود آهن. خيبرپختونخواهه ۾ان گروپ جون سرگرميون گهڻو ڪري باجوڙ، قبائلي ضلعن ۽ پشاور تائين محدود آهن، جتي ان ترتيب وار 36 ۽ 19 حملا ڪيا آهن. داعش خراسان اسلام جي سخت سلفي تشريح تي عمل ڪري ٿو، جيڪو باجوڙ ۽ پاڙيسري افغان علائقن جهڙوڪ ڪنڙ ۽ نورستان ۾ پڻ عام آهي. اهي افغان علائقا، جتي داعش خراسان جي مضبوط موجودگي آهي، اھي پاڪ افغان جي گڏيل سرحدن وارا آھن.

بهرحال بلوچستان ۾ آپريشن جو منظرنامو مختلف آهي. داعش خراسان  جون سرگرميون صوبي جي مرڪزي اولهه واري حصي ۾  رھيون  آهن،جيڪي ڪوئيٽا کان ٻاھريان  مستونگ ،قلات ۽ خضدار جي ڪجھه حصن تائين جا علائقا آھن ۽ مستونگ کان، ان جي موجودگي بولان تائين پکڙيل آهي ۽ سنڌ جي سرحد سان لڳندڙ سبي ضلعي تائين پهچي ٿي. هڪ موقعي تي سنڌ جي دهشتگردي روڪ کاتي رپورٽ ڪئي ته داعش خراسان  صوبائي سرحد جي ويجهو بلوچستان ۾ تربيتي ڪئمپ قائم ڪيا آهن ۽ سنڌ ۾ دهشتگردي برآمد ڪري رهي هئي، خاص طور تي سنڌي نوجوانن ، جنھن ۾ بروهي قبيلي جي نوجوانن کي نشانو بڻائيندي. اهي رپورٽون فيبروري 2017 ۾ سيوهڻ شريف جي مشهور مزار تي داعش خراسان  جي دهشتگرد حملي جي جاچ کان پوءِ سامهون آيون ھيون.

مستونگ ۽ ڪوئيٽا جا ٻاهريان علائقا داعش خراسان جا  وڏا مرڪز آھن. جتي ان ترتيب وار 12 ۽ 10 حملا ڪيا آهن. ان  قلات، بولان ۽ خضدار  جي ڀرپاسي ۾ پڻ  پنھنجي موجودگي برقرار رکي آھي. اهي علائقا گهڻو ڪري بلوچ برادرين جا مرڪز آهن، جن مان ڪيترائي مذهبي تنظيمن سان لاڳاپيل آهن.جي يو آءِ (ف) کي هتي خاصي سياسي حمايت حاصل آهي ۽ ڪجهه ماهر هن مذهبي رجحان کي رياست قلات ۾ ديوبندي مدرسن جي سرپرستي جي ضم ٿيڻ کان اڳ واري پاليسي ڏانهن ڇڪيندا آهن. انھن سببن  باوجود بلوچستان ۾ مختلف اسلامي تحريڪن، تحريڪ لبيڪ پاڪستان ۽ شيعا تنظيمن  ۾ مقابلو وڌي رهيو آهي.

گذريل 15 سالن دوران علائقي ۾ شيعا مدرسن پنهنجي موجودگي کي وڌايو آهي. شيعا زائرين تي حملا مستونگ ۽ نوشڪي ضلعن مان گذرندي ٿيا.جنھن ۾ لشڪر جھنگوي ملوث ھو، جيڪو بعد ۾ داعش خراسان ۾ ضم ٿي ويو. ماضي ۾ قافلن کي اڪثر هتي نشانو بڻايو ويو آهي.تحريڪ لبيڪ پاڪستان  پڻ علائقي ۾ اچي پير ڄمايا آهن، خاص طور تي ڪراچي ذريعي، ڪوئيٽا ڪراچي هاءِ وي تي پنهنجو اثر وڌايو آهي. ڪراچي ۾ رهندڙ علائقي جي ڪجهه بلوچ رهواسين هن اثر کي وڌائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.جڏھن تھ  جي يو آءِ (ف) ھن علائقي ۾ هڪ غالب سياسي قوت طور  رهي ٿي ۽ اھا اڃا تائين آهي. اھو سڀ ڪجھه چونڊ ۾ طاقت حاصل ڪرڻ جون ڪوششون آھن.

ڳالهه سمجھه ۾ اچي ٿي  ته داعش خراسان  خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان ٻنهي ۾ صوبن ۾ جي يو آءِ کي ڇو نشانو بڻائي ٿي.هي گروپ ان جماعت کي پاڪستان ۾ طالبان جو ويجهو اتحادي سمجهي ٿو. افغانستان ۾، داعش خراسان  ۽ افغان طالبان جي وچ ۾ هٿياربند تڪرار ان ڳچ وقت کان جاري آهي، طالبان جي ٻيھر اقتدار تي قبضي ڪرڻ بعد بھ اھو سلسلو جاري آھي.ٻنهي جي وچ ۾ اهم فرق رياستي ڍانچي ۽ خلافت جي تصور بابت  خيالن تي آهي.

داعش خراسان  کي يقين آھي تھ طالبان هڪ قومپرست تحريڪ ۽ اولھھ جي اتحادي آهي ۽ پاڪستان، ٻين مسلمان رياستن ۽ طالبان جي طاقتور اشرافيه جي وچ ۾ ڪو به فرق ناهي. داعش خراسان لاءِ قوم پرستي هڪ غير اسلامي تصور آهي ۽ هاڻي ان ملڪ ۾ تشدد ۽ پرامن قوم پرست تحريڪن کي شامل ڪرڻ لاءِ پنهنجي پهچ کي وڌايو آهي.ھن نئين صورتحال بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا ۾ قوم پرست  تنظيمن ۽ حقن جي تحريڪن لاءِ خطري جي سطح کي وڌائيندي، جڏهن ته اسلامي شدت پسندن ۽ قوم پرست باغين جي وچ ۾ امڪاني ٽڪراءَ کي به ڀڙڪائيندي.

هاڻي تائين ٻنهي پاسن کان ٽڪراءَ کان پاسو ڪيو ويو آهي، جيتوڻيڪ ھڪ ٻئي سان ڳنڍيل علائقن ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. بهرحال ھاڻي اھا صورتحال تبديل ٿيڻ جو امڪان آهي. جيتوڻيڪ بلوچستان لبريشن آرمي پنهنجي آپريشنل اثر کي صوبي  ۾   وڏي حصي تائين وڌايو آهي، داعش خراسان ، وڏي حد تائين مستونگ ۽ ان جي آس پاس جي علائقن تائين محدود آهي. تڏهن به ان جي موجودگي بي ايل اي لاءِ  وڏي ڳڻتي  واري ٿي سگهي ٿي.

اهو اڃان غير يقيني آهي ته ڇا اهو ٽڪراءُ رياست جي سيڪيورٽي ادارن لاءِ  لازمي طور تي سٺي خبر آهي.جڏهن ته ڪجهه ان کي هڪ تڪرار جي طور تي ڏسي سگهن ٿا جيڪو هڪ ئي وقت ٻنھي مخالف قوتن کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو، پر حقيقت ان کان وڌيڪ پيچيده بھ ٿي سگهي ٿي. داعش خراسان  پنهنجي آپريشنل حڪمت عملي کي ڇڏڻ جو امڪان ناهي. ان جي بدران اهو اختيار ڪري اڳتي وڌي  سگهي ٿي ۽ ان سان اڳ ئي بلوچستان ۾ غير مستحڪم سيڪيورٽي ماحول کي وڌيڪ پيچيده بڻائي سگھي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.