ڪراچيءَ جي ڊمپر مافيا ھٿان ھڪ استاد جو بي رحماڻو قتل

تحرير: آفتاب عالم مهر

ڪراچي جي گهٽين ۾ رت جو رقص جاري آهي. هتي انسانن جي حياتيءَ جي قيمت هڪ ٽرالر جي ٽڪر کان به گهٽ آهي. هتي قانون صرف اميرن لاءِ آهي ۽ عام ماڻهو لاءِ موت بي آواز آهي. هتي نه ڪو آواز ٻڌڻ وارو آهي، نه انصاف ڏيڻ وارو. ان ئي بيحسي، ان ئي بي رحمي ۽ ان ئي خونخوار نظام جي ور چڙهي ويل هڪ استاد، جيڪو علم جو روشن ڏيئو هو، هزارين شاگردن جي ذهنن کي روشن ڪري رهيو هو، پنهنجي ٻارن جو سهارو، پنهنجي والدين جي اميد ۽ پنهنجي ڪاليج جو فخر هو.

افتخار احمد ڀٽو  گلشن حديد جو رهواسي هو. هو معمول مطابق پنهنجي ڊيوٽي تي وڃڻ لاءِ موٽر سائيڪل تي نڪتو. هو سپيريئر سائنس ڪاليج شاھ فيصل ڪالوني ۾ رياضيءَ جو اسسٽنٽ پروفيسر هو. پر شرافي ڳوٺ ڀرسان هڪ بدمست ڊرائيور جي بي قابو ٽرالر کيس چيڀاٽي ڇڏيو.

ڪراچي ۾ ڊمپر، ٽرالر ۽ واٽر ٽينڪر هلائيندڙ  بدمست مافيا کي ڪنهن جو به ڊپ ناهي. اهي رات ڏينهن تيز رفتاريءَ سان هلن ٿا، ماڻهو چيڀاٽجن ٿا ۽ ڊرائيور فرار ٿي وڃن ٿا. افتخار ڀٽو جو قاتل به ٽرالر ڇڏي ڀڄي ويو ۽ پوليس رڳو ٽرالر کي قبضي ۾ وٺي رپورٽ لکي ڇڏي. باقي سڀ ڪجهه اڃان تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي.

ڊمپر، ٽيلر ۽ ٽرالر مافيا ڪراچي جي روڊن تي خون جي راند کيڏندڙ بد مست مافيا بڻجي چڪي آهي، جيڪي منٿلي جي نالي تي اربين روپيا ڪمائن ٿا. روڊ انهن لاءِ قتل جا ميدان بڻجي ويا آهن.کانئن نه ڪير پڇڻ وار آهي نڪي وري ڪو روڪڻ وارو. جيڪڏهن ڪو شهري چيڀاٽجي مري وڃي ٿو ته پوليس کان وٺي حڪومت تائين، سڀ خاموش رهن ٿا.

افتخار ڀٽو جي خون جو حساب وٺڻ لاءِ نه صرف انصاف جي ضرورت آهي، پر ان بدمست مافيا کي به پڪڙڻ جي همت گهرجي، جنهن جي پٺ تي اقتدار، ڪرپشن ۽ بي حسي بيٺل آهي. افتخار ڀٽو لاءِ نه رڳو افسوس ڪافي آهي، پر سندس قتل جو ڪيس مافيا جي سرپرستن خلاف داخل ڪيو وڃي، ڊمپر ۽ ٽرالر جي تيز رفتاريءَ تي پابندي لڳائي وڃي، ڊرائيورن جي سڃاڻپ، نشي ۽ لائسنس تي ضابطو آندو وڃي،

افتخار ڀٽو جو لاش ته دفن ٿي ويو، پر سندس خون سنڌ جي سڀني انسانن تي قرض آهي. جيڪڏهن اسان خاموش رهياسين ته سڀاڻي ڪنهن ٻئي جو پيءُ، مڙس، ڀاءُ، استاد يا دوست ساڳي ريت بدمست مافيا جي ھٿان چيڀاٽجي موت جو شڪار ٿي ويندو.

اڄ افتخار ڀٽو نه آهي، پر سندس چيل جملا، سندس زخمن مان وهندڙ رت، ۽ سندس آخري ساھ ۾ موجود ساڃاھ پُڪار ڪري رهي آهي، "منهنجو قاتل رڳو ٽرالر نه، پر اُهو سڄو نظام آهي، جيڪو خاموش تماشائي بڻيل آهي!

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.