جھول /سانگهڙ (نمائندا/ پ ر)ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن، سنڌو درياهه مان 6 نوان ڪينال ڪڍڻ، سنڌ جي زمينن ۽ معدني وسيلن تي قبضن خلاف عوامي تحريڪ طرفان احتجاجي تحريڪ جو سلسلو جاري آهي، جھول ۾ سخت گرميءَ باوجود ماڻهو روڊن تي نڪري آيا، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينيئر نائب صدر نور احمد ڪاتيار جي اڳواڻي ۾ مارچ ڪيو ويو، ريلي کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا پاڪستان جي خالق قومن جو وجود ميسارڻ جي سازش آهن، ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبن وسيلي سنڌ جون زمينون، معدني وسيلا ۽ تاريخي ماڳ وڪرو ڪيا پيا وڃن، جنهن ۾ پيپلز پارٽي جا حڪمران ملوث آهن، پيپلزپارٽي سازش وسيلي سنڌ جي عوام جي جدوجھد کي ماٺو پئي ڪري. پيپلز پارٽي دور اقتدار بدترين آمريتن کان به وڌيڪ ڀيانڪ آهي، سنڌ ۾ جمهوريت جي نالي ۾ آمريت قائم آهي، سموري ملڪ ۾ جمهوريت جو ڍونگ رچايو ويو آهي، هن چيو ته ڀاشا ڊيم سنڌ لاءِ خطرناڪ منصوبو آهي. ڇهن ڪينالن سان گڏ ڀاشا ڊيم ٺهڻ سان سنڌ برباد ۽ ختم ٿي ويندي، نور احمد ڪاتيار چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي جياپي جو واحد وسيلو آهي، سنڌ جو عوام ڀارت ۽ پنجاب جي حڪمرانن طرفان سنڌو درياهه تي ڊيمن وارن منصوبن کي برداشت نه ڪندو، سنڌو درياهه ۽ زمينن جي مالڪي لاءِ ڊگھي پر امن جمهوري جدوجهد جي ضرورت آهي. عطاءُالله انڙ چيو ته سانگهڙ ضلعي ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، سانگهڙ ضلعو ڦٽي جو ضلعو آهي پر هاري ۽ آبادگار ووئڻن جو فصل پوکي نه سگهيا آهن. مريم انڙ چيو ته سنڌ جون وارث سنڌياڻيون آهن، سنڌ جون بهادر سنڌياڻيون جدوجهد ذريعي پنهنجي درياهه ۽ ڌرتي بچائيندي ۽ سنڌ دشمن قوتن کي شڪست ڏينديون، ان موقعي تي راڻو ڪنڊاڻي، ڪامريڊ علي نواز ڏاهري، عقيل ماڪوڙاڻي، عالم لغاري ۽ ٻين به خطاب ڪيو.