اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم شهباز شريف سميت ملڪ جي اهم سياسي شخصيتن قومي ايٿليٽ ارشد نديم ڏکڻ ڪوريا ۾ ٿيل ايشين ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ شاندار ڪارڪردگي ڏيکاريندي گولڊ ميڊل کٽڻ ۽ ملڪ جو نالو روشن ڪري تي مبارڪباد پيش ڪئي آهي.
صدر پاڪستان آصف زرداري ارشد نديم کي واڌايون ڏيندي چيو ته هن جيولن ٿرو ۾ پاڪستان جو نالو روشن ڪيو.
صدر چيو ته ارشد نديم جي شاندار ڪارڪردگي تي سڄي قوم کي فخر آهي ۽ هو مستقبل ۾ به سندس ڪاميابين لاءِ دعاگو آهي.
وزيراعظم شهباز شريف به ارشد نديم کي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني.
پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته ارشد نديم قوم جو ڳاٽُ فخر وچان اوچو ڪيو آهي، سندس محنت، لڳاءُ نوجوان ايٿليٽس لاءِ هڪ مثال آهي، دعا آهي ته ارشد جون ڪاميابيون مستقبل ۾ به جاري رهن.
خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي به ارشد نديم جي فتح تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته سڄي قوم سندس ڪاميابين لاءِ دعاگو آهي.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه به ارشد نديم کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت طرفان اهڙن باصلاحيت رانديگرن جي سرپرستي ڪندي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق به ارشد نديم کي شاباشي ڏيندي چيو ته هن هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي.
”ارشد نديم قوم جو ڳاٽ اوچو ڪري ڇڏيو“ صدر ۽ وزيراعظم جون گولڊ ميڊل کٽڻ تي قومي ايٿليٽ مبارڪون
Prev Post
You might also like