لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان بابر اعظم، ڏکڻ ڪوريا ۾ ٿيل ايشين ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ گولڊ ميڊل کٽڻ تي ارشد نديم کي مبارڪباد ڏني آهي.
پنهنجي پيغام ۾ بابر اعظم چيو ته ” مبارڪ هجئي ارشد نديم! توتي ناز آهي.“
ياد رهي ته ارشد نديم تاريخ رقم ڪندي اٽڪل 50 سالن کانپوءِ پاڪستان لاءِ ايشين ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ سونو ٻِلو کٽيو آهي، پاڪستان آخري ڀيري 1973ع ۾ گولڊ ميڊل حاصل ڪيو هو.
You might also like